فريد آباد ۾ ماءَ ٻار هيلٿ سينٽر جي عملي خلاف احتجاج

فريدآباد(ن ع آ) فريدآباد ۾ ماءُ  ٻار هيلٿ سينٽر جي عملي جي زيادتين خلاف ڳوٺ مٿئين اکڪڍائي جي رهواسين شبير ڪرٽيو، ذوالفقار ڪرٽيو، فائزا فوزيا، عزرا ڪرٽيو ۽ ٻين  ڪالهه نائين ڏينهن به احتجاج جاري رکيو  هنن صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته ايم سي ايڇ جي انچارج  ڊاڪٽرياڻي فرحانا شاه اسپتال ۾ علاج لاءِ ويل  منهنجي ٻچڙن سان بد اخلاقي ڪئي ۽ نازيبا لفظ ڳالهائي ڌڪا ئي اسپتال مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو  جيڪا سراسر ناانصافي آهي ڊاڪٽرياڻي جي اهڙي عمل تي اسان جو احتجاج جاري رهندو ، هوڏانهن ڊاڪٽرياڻي فرهانا شاه  رابطو ڪرڻ تي پنهنجو موقف ڏيندي چيو آهي ته احتجاج ڪندڙ شبير ڪرٽيو جا ٻار اسان وٽ ايم سي ايڇ سينٽر تي ناهن آيا ۽ نه ئي اسان ڪنهن کي ڌڪا ڏنا آهن ۽ نه ڪا ڪنهن سان بد اخلاقي ڪئي آهي. هن وڌيڪ  چيو ته مان  قرآن پاڪ تي هٿ رکي قسم ۽ ساک سان ڏيڻ لاءِ به تيار آهيان مخالف منهنجي خلاف هرو ڀرون اجايو احتجاج ڪري منهنجي ساک متاثر ڪري رهيا آهن جيڪو سٺو عمل ناهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.