نوري آباد ۾ پوليس زيادتين خلاف رهواسين جو احتجاج

نوري آباد(ن ع آ)نوري آباد ۾ پوليس جي زيادتين  خلاف رھواسين پاران نوري آباد ھڪ نمبر کان  پريس ڪلب نوري آباد تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي آھي جنھن ۾ سياسي سماجي توڙي رھواسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري پوليس خلاف نعري بازي ڪئي،   ريلي ۾ شريڪ اڳواڻن نذير علياڻي شبير ورياڻي اسماعيل پالاري صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته  .ڳوٺ گلاب پالاري جي رھواسي پورھيت نويد .ظھير ۽ برڪت پالاري کي پوليس  سورتي فيڪٽري جي گيٽ ٻاھران گرفتار ڪري تشدد ڪيو ۽  ڦر جي ڪوڙي  ايف آئي آر داخل ڪري ڇڏي آھي.

ھنن ايس ايس پي ڄامشورو  کان انصاف جو مطالبو ڪندي بي گناھ گرفتار ٿيل پورھيت آزاد  ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.