ملير ۾موري واسين جو بااثرن خلاف احتجاج، تحفظ جي گهر

ملير (ڊ.ر) بااثر لينڊ مافيا ٽولو اسان جي زمين تي قبضا ڪرڻ لاءِ اسان جي گهرن تي حملا ڪري رهيو آهي، بااثرن منهنجي والد کي اغوا ڪرڻ بعد گوليون هڻي زخمي ڪيو آهي، مورو پوليس بااثرن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، اسان جي خاندان جي حياتين کي خطرو آهي، اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي،  اهڙن خيالن جو اظهار موري جي رهواسي عمران چنڊ، سيد شاهنواز شاهه، قادن شاهه ملير پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، عمران چنڊ چيو ته مون سان گڏ سيدن جي زمين تي به قبضي ڪرڻ لاءِ بااثر لينڊ مافيا جي ٽولي 9 نومبر تي پنهنجي هٿياربند ٽولي سان گڏ منهنجي گهر تي ڇِتي فائرنگ ڪري منهنجي پئ انسپيڪٽر سلمان چنڊ کي اغوا ڪري کڻي ويا .تي کيس رستي ۾ گوليون هڻي زخمي ڪيو ويو جيڪو هن وقت اسپتال ۾ داخل آهي پر واقعي جو ڪيس مورو پوليس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ايس ايس پي نوشهروفيروز بااثر لينڊ مافيا ٽولي خلاف ڪاروائي ڪرڻ کان لنوائي رهيو آهي، هنن چيو ته اسان کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ملي رهيون آهن، اسان انتهائي غيرمحفوظ آهيون، اسان چيف جسٽس سپريم ڪورٽ، چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ، آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز کي اپيل ٿا ڪريون ته موري جي لينڊ مافيا ٽولي کان اسان کي انصاف ڏياري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.