عثمان شاهه هڙي ۾ڦٽاڪا وڪرو ڪندڙ ڪيترائي ماڻهو گرفتار

عثمان شاهه هڙي ( ن ع آ ) سي آءِ اي پوليس ٽنڊو الهيار ڏياري جي موقعي تي ڦٽاڪا وڪرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون تعلقي جهنڊي مري جي ڪيترن ئي شهرن مان ڦٽاڪا وڪرو ڪندڙ درجن کن غريب ماڻهن کي ڦٽاڪن سميت کنڀي کڻي ويا بعد ۾ پوليس پنهنجي پراڻي روايت قائم ڪندي ڪجهه گرفتار ماڻهن کي ڏيتي ليتي جي بنياد تي سامان سميت ڇڏي ڏنو، باقي ڪجهه ماڻهن کي سامان سميت تحويل ۾ ورتو ويو، جڏهن ته ان سامان جي ماليت هزارين رپيا ٻڌائي وڃي ٿي جڏهن ته سي آءِ اي پوليس پاران ڇڏيل ماڻهن وري ٻيهر ڦٽاڪا وڪرو ڪرڻ شروع ڪري ڏنا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.