ڪوٽ غلام محمد ۾ ڏياري جو تهوار، مندرن ۾ٻوڄا،پراٿنائون

ڪوٽ غلام محمد(ن ع آ ) ،سموري دنيا جيان ڪوٽ غلام محمد تعلقي ۾ به هنڌو برادري پاران پنهنجو مذهبي تهوار ڏياري ڌام ڌوم سان ملهائڻ جون تياريون مڪمل ڪري ڇڏيون آهن ،ڏياري جي تهوار سبب بازارن ۾ وڏي رش ڏسڻ ۾ اڇي رهي آهي،هنڌو برادري پاران ڏياري جي تهوار جي مناسبت سان ڏئيا ،ڦٽاڪا ۽ ۽ ٻين شين جي خريداري جو عمل جاري آهي،هوڏانهن هنڌو برادري جي اڳواڻن پرتاب مالهي ،جيارام مالهي ،نارايڻ داس مالهي،ڏيارام مالهي .ڪامريڊ نيمداس ڪولهي ،ڪامريڊ دليپ ڪمار ،ڪامريڊ رازو مل ڪولهي ،هريش ڪمار لوهاڻه ،کيمڇند لوهاڻه۽ ٻين رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڏياري جو تهوار روشنين جو تهوار طور مشهور آهي ،هنن ٻڌايو ته اڄ رات جو اسان گهرن ۾ ڏئيا ٻآري گهرن مندرن ۾ مها لچمي ماتا جي پوڄا پاٺ ڪري دعائون ۽ پراٿنائون ڪنداسين ۽ پنهنجي پريوار سميت ملڪي خوشحالي ۽ امن لاء پڻ دعائون ڪندا آهيون ،هنن چيو ته ڏياري جو تهوار اسان پنهنجي مذهبي عقيدي طور شري رام چندر ڀڳواڻ جي حوالي سان ملهائندا آهيون ،جڏهن شري رام 14 ورهه بنواس ڪاٽي لنڪا جي رواڻ جو انت آڻي واپس ايوڌيا موٽي آيو ته سندس استقبال لاء ايوڌيا واسين گهرن تي ڏئيا ٻآري پنهنجي خوشي جو اظهار ڪيو هو ،انهي ڏينهن کان وٺي اسان هنڌو برادري ڏياري جو تهوار ملهائندا پيا اچون .،هنن ٻڌايو ته ڏياري جو تهوار هر سال جيان هن سال به ڌام ڌوم سان ملهائي رهيا آهيون ،پاڪستان ۾ رهندڙ اقلتي برادري کي حڪومت پاران مڪمل سهڪار ۽ تحفظ فراهم ڪيو پيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.