ثنا سماج کي پنهنجي حصي جا سڀ رنگ ٿورڙي عرصي ۾ ڏئي ويو: مقرر

سڪرنڊ (ن ع آ) سنڌ جي نالي واري شاعر ۽ اديب ثناءَ الله خاصخيلي جي ڏهين ورسي تقريب سنڌ ڪلچر فورم پاران سڪرنڊ ۾ ملهائي وئي. کيس سنڌي ادب ۽ شاعري لاءِ ڪيل خدمتن عيوض کيس لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. ورسي تقريب کي سنڌ ڪلچر فورم جي مرڪزي چيئرمين چيئرمين صادق لاکو چيو ته ثناءَ الله خاصخيلي اهو ڪاشيگر هو جنهن ڪيترائي پٿر تراشي خوبصورت شهڪار بنايا هو زندگي سان پيار ڪندڙ آرٽسٽ هو. هو درد کي سگهه ۾ تبديل ڪرڻ جو فن ڄاڻيندو هو. هن چيو ته ثناءَ الله خاصخيلي پنهنجي وجود ۾ خوبين ۽ صلاحيتن جي کاڻ هو. نئين ٽهي جي نوجوان شاعر سائل پيرزادو چيو ته ثنا سماج کي پنهنجي حصي جا سڀ رنگ ٿورڙي عرصي ۾ ڏئي ويو کيس ياد ڪري اسان پنهنجي زنده هجڻ جو ثبوت ڏنو آهي. هن چيو ته ثنا جي وڇوڙي بعد اسان پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪري رهيا آهيون. اديب ڪهاڻيڪار محمد صديق منگيو چيو ته ثناءَ الله جو وڇوڙو ادبي سنگت لاءِ نقصانده آهي هر ماڻهو ساهه کڻي ٿو اهو زنده نه آهي پر جنهن جو ڪردار هوندو آهي. اهو هميشه زنده رهندو آهي. استاد واحد بخش عمراڻي چيو ته هو هڪ ذهين انسان هو کيس ڪتابن سان محبت هوندي هئي. شاعر فدا حسين سنجراڻي چيو ته اسان کي پنهنجي لکيل شاعري ، مضمون پنهنجي حياتي ۾ ڇپرائڻ گهرجن. ڪامريڊ وريام سنجراڻي چيو ته هن کي تاريخ جو وڏو ڏانءَ هو ۽ راڳ جو وڏو ڄاڻو هو. ان موقعي تي استاد مير محمد ڪيريو ،  سنڌ ڪلچر فورم جي مرڪزي سيڪريٽري سارنگ ملاح ، سماجي اڳواڻ شمشاد ملاح ، مورڙيو ميربحر ۽ ٻين کيس شاعري ۽ لفظن ذريعي ڀيٽا پيش ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.