ڪي اين شاهه اليون جي سوڀ، فرينڊس اليون کي شڪست

خيرپور ناٿن شاهه (ت ر) خيرپورناٿن شاهه تعلقي بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ڪي ڪي ڏيرو جي والد ضياالدين ڏيري جي ياد ۾ ضياالدين پريمئير ليگ ڪرڪيٽ ٽورناميٽ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ خيرپورناٿن شاهه جي 6 بهترين ٽيمن حصو ورتو، ٽورنامينٽ جي فائنل ميچ ۾ ناٿن شاهه اليون ۽ فرينڊس اليون ۾ سخت مقابلو ٿيو جنهن ۾ فرينڊس اليون پهرين بيٽنگ ڪندي 128 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو، ناٿن شاهه اليون 128 رنسون 9 اوورن ۾ ٺاهي هدف پورو ڪري ٽورنامينٽ پنهنجي نالي ڪري ڇڏي، پنڊال ۾ ويٺل ماڻھن تاڙيون وڄائي رانديگرن کي خوب داد ڏنو. ضياالدين ڏيرو ٽورنامينٽ جو مهمان خاص اسسٽنٽ ڪمشنر ارشاد ڪمالاڻي ۽ ٽورنامينٽ جي ميزبان ايڊووڪيٽ ڪي ڪي ڏيرو ٽورنامينٽ جي ونر ناٿن شاه اليون ٽيم جي ڪپتان مظھر چانڊيو کي ونر ٽرافي ڏني انعام ڏنو جڏھن ته رنر ٽيم فرينڊس اليون جي ڪپتان خالد لاکير کي ايڊوڪيٽ سيد لعل شاھه رنر ٽرافي ڏني. جڏھن ته مرتضيٰ کوکر کي ٽورنامينٽ جو بهترين رانديگر جو ايوارڊ ايڊوڪيٽ همت علي گاڏھي ڏنو، ماجد کوسو کي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ايڊوڪيٽ ظفر ٻگهيو ڏنو سمورن رانديگرن کي ايڊووڪيٽ ڪي ڪي ڏيرو شيلڊون ڏنيون ٽورنامينٽ ۾  ڪرڪيٽ جي شوقينن وڏي انگ ۾ فائيل ميچ ڏسڻ لاءِ پهتا رانديگرن کي تاڙيون وڄائي خوب داد ڏنو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.