لائن ڪلب حيدرآباد پاران شگر بابت جاڳرتا ريلي

حيدرآباد(رپورٽر) لائن ڪلب حيدرآباد پاران شگر جي مرض بابت ڪالهه جاگرتا ريلي ڪڍي حيدرآباد پريس ڪلب سامهون فري شوگر ٽيسٽ ڪئمپ لڳائي وئي. ڪئمپ تي موجود ڊاڪٽرن ۽ عملي شوگر ٽيسٽ لاءِ ايندڙ مريضن جو فري شگر ٽيسٽ ڪئي. ان موقعي تي امتياز احمد ۽ طراب علي خواجا چيو ته شوگر جو مرض قابل علاج مرض آهي، پر ان ۾ احتياط تمام لازمي آهي، انسان ٿورو احتياط ڪري پاڻ کي شوگر جي مرض کان بچائي سگهي ٿو.17

فرانس خلاف منهڙي ۾ اهلسنت جي اڳواڻن طرفان شٽر بند هڙٽال

منھڙو (ن ع آ)منھڙي ۾ اھلسنت جي اڳواڻن علامه محمد ياسين قاسمي، علامه محمد بلال طاھري، علامه جابر حافظ امجد ڏاھري، علامه جاويد علي ڏاھري، فقير ڪريم بخش سومرو ۽ منهڙو جي شھرين محمد رمضان ڏاھري، سيٺ عبدلغفار ڏاھري، محمد اعظم جٽ ،استاد انور ڀٽي، سرائي شادوخان ڀٽي، شفقت علي آرائين ،گل بھار ڏاھري، محمد بوٽا جٽ، نور ڏاھري، استاد عابد علي رانجھاڻي، سيٺ غلام مرتضي آرائين ۽ ٻين فرانس جي صدر جو نبي اکرمﷺ جن جي شان ۾ گستاخي ڪرڻ ۽ فرانس ۾ حضور اڪرم صه جا خاڪا شايع ڪرڻ واري عمل خلاف منهڙو شھر ۾ مڪمل  شٽربند  ھڙتال ڪري پريس ڪلب منھڙو اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور فرانس ملڪ سان تعلقات ٽوڙيا وڃن.

سينيئر صحافي همسفر گاڏجي جي ڀاءُ امام علي گاڏهي جي تدفين

جوهي (ن ع آ)سينئر صحافي ۽ پندره روزه افيئر مئگزين جي روح روان همسفر گاڏھي جي ڀاءُ امام علي گاڏھي جي تدفين ڪاڇي جي صوفي شاھ عنايت جي قبرستان ۾ ٿي گذري، جنازي نماز ۾ سوين ماڻھن پاران شرڪت ڪئي ۽ مرحوم جي مغفرت لاءِ دعا گهري وئي، جماعت اسلامي جي مرڪزي نائب امير ۽ سابق ايم اين اي مولانا اسدالله ڀٽو، سنڌ جي امير محمد حسين محنتي، جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ ۽ سيڪريٽري اطلاعات مجاهد چنا ليکڪ ،دانشور۽ پندرهن وار ميئگزين “ افئير” جي ايڊيٽر همسفر گاڏهي جي ڀاءُ جي وفات تي دلي ڏک جو اظهار ڪندي مرحوم جي مغفرت ۽ پوئنرن لاءِ صبر جميل جي دُعا ڪئي آهي. ٻئي طرف  صحافي ظھير ميراڻي، دادو ۽ جوهي  جي صحافين غوث  جهتيال، شھمير گاڏھي، زراعت کاتي جي صوبائي وزير اسماعيل راهو، ڪامريڊ شاهنواز راڄپر، ڊاڪٽر علي رند، پروفيسر جاويد کوسو، پروفيسر شفقت کوسو، ڊاڪٽر حميد سبزوئي، ڪامريڊ نورالدين جمالي، ايڊووڪيٽ محمد خان شيخ، ۽ ٻين شرڪت ڪئي.رشيد چارڻ سميت اديبن شاعرن, صحافين سياسي سماجي حلقن سان گڏ ڪيترن ئي مڪتبه فڪر جي دوستن برادري جي ماڻھن پاران همسفر گاڏھي ۽ عباس علي گاڏھي سان تعزيت جو سلسلو جاري آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.