سوڍا ويلفيئر اڳواڻن جي راڻا همير سنگهه سان ملاقات

عمرڪوٽ(ن ع آ) آل سنڌ سوڍا ويلفيئر ايسوسيئيشن جي مرڪزي نائب صدر محمد جمن گجو سوڍو جي سربراهي ۾ وفد عمرڪوٽ ۾ راڻا ڪوٽڙي پهچي ڍاٽ جي ايم پي اي ۽ خوراڪ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين راڻا همير سنگهه سوڍي سان ملاقات ڪئي ۽ تنظيم سازي جي حوالي سان تفصيلي ڳالهيون ڪيون، ان موقعي تي راڻا همير سنگهه تنظيم سازي جي سلسلي ۾ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته سڄي سنڌ ۾ سوڍن جي اتحاد جي حوالي سان جيڪي ڪوششون ٿي رهيون آهن انهن جي آجيان ڪريان ٿو، مان ايسوسيئيشن سان هر حال ۾ گڏ آهيان، ان موقعي تي فيض محمد سوڍو، اختر حسين گجو، نواب سنگراسي ۽ ٻيا موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.