ٻيٽن تي وفاق جو قبضو ڌرتي تي وار آهي: اسحاق لاشاري

گڏاپ (رپورٽ : ممتازشيخ ) سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جو قبضو پنهنجي ڌرتيءَ تي وار سمجهو ٿا پنهنجي ڌرتي کي بچائڻ لاءِ ال پاڪستان لاشاري بلوچ هيومن رائٽر ويلفيئر آرگنائيزيشن پنهنجي سرن سان ڪفن ٻڌي پنهنجي ڌرتي جي حفاظت ڪبي اهڙو اظهار پاڪستان لاشاري ويلفيئر جي مرڪزي صدر اسحاق لاشاري نور خان ڀرفت ڳوٺ ۾ هڪ وڏي ميڙ کي خطاب ڪندي چيو ته اسان جي برادري جو پنهنجي ذات کان هٽي ڪري هر غريبن مسڪينن ماروئڙن جي خدمت ڪرڻ جو جذبو رکون ٿا اسان جو مشن آهي ته سڀ کان پهرين قوم جي يتيم ٻارن کي جيڪو تعليم نٿو پرائي سگهي ان يتيم ٻارن کي اسڪول ۾ داخل ڪرائي ان غريب ماڻهون جي ٻارن کي پڙهائڻ ۽ پنهنجي پيرن تي بيهڻ تائين ان جي مدد ڪرڻ آهي. هنن چيو ته اسان جي منشور ۾ بيواهه عورتن جي مدد ڪرڻ ۽ جيڪو مسڪين ماڻهو غربت سبب پنهنجي نياڻين جي شادي نٿو ڪري سگهي انن نياڻين جي شادي ڪرائي انن کي پنهنجي هڙان وڙان ڏاج ڏئي انن جي شادي ڪرائڻ يان ڪو غريب ماڻهو بيمار آهي جيڪو پنهنجو علاج نٿو ڪري سگهي ان جو ڪنهن سٽي هسپتال داخل ڪرائي ان جو علاج ڪرائڻ اسان جي برادري جو ماڻهو اگر ڪنهن ڪوڙي ڪيس سبب وڪيلن جي ڦهي نٿو ڀري سگهي انن کي مفت ۾ وڪيل ڪري ڏيڻ اسان جي منشور ۾ آهي.ان موقعي تي سياسي سماجي مختلف تنظيمن جي اڳواڻن وڏي انگ شرڪت ڪئي شرڪت ڪندڙ ۾ قمبر علي منظور رجب برڪت علي محمد ياسر پرويز آرائين شفيع محمد محمد نواز راجا عبدالخالق ۽ ٻين برادريء جي سوين ماڻهن شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.