اتفاقي معاملي کي هرون ڀرون ٽوڙي مروڙي پيش نه ڪيو وڃي:وارث

فريدآباد ( ن ع آ)منهنجي ڌي شازيه خاصخيلي 5 وقت نماز پڙھندي هئي اڻڄاڻائي اتفاقي گولي لڳي هئي جنهن تي  پيرن هيٺان زمين نڪري وئي اسان جي گهر جي ڀاتين مٿان پوليس پريشر وجهي رهي آھي اسان بيگناھ آھيون ۽ پوليس سان هر معاملي ۾ تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آھيون منهنجا پٽ ڪاروباري ۽ عزت دار ۽ شريف  آھن آء جي سنڌ ايس ايس پي دادو ۽ ٻين ادارن کان انصاف جي گهر ڪريون ٿا خبرموجب ميهڙ ۾ ٻه ڏينهن اڳ نوجوان ناري 20 ورهين جي شازيه خاصخيلي پنهنجي گهر ۾  پرسرار نموني گولي لڳڻ وارو معامرو ۔ جڏهن ته فوت ٿي ويل شازيه خاصخيلي جي امڙ زھران خاصخيلي سندس ڀيڻ حضوران خاصخيلي اباڻي ڳوٺ الهڏنو تيوڻو ۾ گهر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ميڍيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي ڌي 5 وقت نماز پڙھندي هئي گهر ۾ اتفاقي گولي لڳڻ ڪري فوت ٿي آھي .جنهن تي اسان تمام گهڻو پريشان ۽ صدمي ۾ ورتل آھيون ٻي طرف پوليس اسان کي بناجواز پريشر وجهي رهي آھي. پوليس جڏهن به منهنجي پٽن کي مولوي نورمحمد خاصخيلي عبدالحميد  خاصخيلي عبدالجبار خاصخيلي عبدالحميد خاصخيلي کي گهرايو ته اسان هر وقت پوليس سان تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آھيون اسان تي پوليس بيگناھ پريشر نه وجهي منهنجا پٽ ڪاروباري عزتدار ۽ شريف گهراڻي سان تعلق رکندڙ آھن هنن چيو ته اتفاقي معاملي کي هرون ڀرون ٽوڙي مروڙي پيش نه ڪيو وڃي قلم ڌڻي ۽ ايماندر شريف پوليس آفيسرن ۽ ٻين ادران کان اميد رکون ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.