مسوڀرڳڙي ۽ ڀرپاسي غيرمعياري دوائون وڪرو، آبادگارن کي نقصان

مسوڀرڳڙي ( ن ع آ)  مسوڀرڳڙي ۽ ڀرپاسي جي علائقي ۾غير معياري  زرعي دوائن جي وڪري جي ڪري آبادگاران جا مٿي تي ھٿ اچي ويا آھن ھتان جي آبادگارن   جو چوڻ ھو ته  نقلي ٻج 3 دفعا پوکڻ باوجود ٻج جي ڄم ۾ ڪو خاطر خواه اضافو نه ٿيو آھي ، اسان پيڊي مالڪن کان اوڌر تي ٻج ۽ ڀاڻ خريد ڪري پوکائي ڪريون ٿا پر ھيل آن  جو خرچ به نه لاهي سگهنداسين.  آبادگارن جو چوڻ هوته منافعي خور واپارين نقلي ٻج ۽ دوائون ڏئي هزارين ايڪڙن تي پوکيل فصلن کي نقصان پهچايو آهي..سندن وڌيڪ چوڻ هو ته ٻج کي 3دفعا پوکڻ جي باوجود ٻج جو ڄم  بلڪل نٿو ٿئي،جنهن سبب فصل کي ڪاپاري نقصان پهچڻ جا خدشا آھن،زراعت کاتي جي اختيارين با اثر واپارين اڳيان گوڏا کوڙي ڇڏيا آھن ۽ انهن کي کلي ڇوٽ ڏيئي ڇڏي آھي جنهن سبب نقلي ذرعي ٻج ۽ دوائن جو وڪرو عروج تي پهچي چڪو آھي.هتان جي آبادگارن حڪومت سنڌ، ڊي سي حيدرآباد  ، زراعت کاتي ۽ ٻين وس وارن عملدارن  کان مطالبو ڪيو آھي ته نوٽيس وٺي نقلي ٻج ۽ نقلي دوائون وڪڻندڙ ڌوڪيباز واپارين خلاف ڪارروائي ڪري آبادگارن سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.