حيدرآباد ۾سنڌ جي مالوندن جي گڏجاڻي، ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ هٽائڻ جي گهر

حيدرآباد (رپورٽر) سنڌ جي مالوند ماڻھن سنڌ ۾ جانورن جي حقن ۽ تحفظ لاءِ سنڌ فارمرس فورم قائم ڪندي چتاءُ ڏنو آھي تھ جيڪڏھن لائيو اسٽاڪ ۾ ٿيندڙ ڪرپشن خلاف غير جانبدارانا انڪوائري ڪرائي لائيو اسٽاڪ جي ڊائريڪٽر کي نھ ھٽايو ويو تھ سڄي سنڌ ۾ احتجاجن جو سلسلو شروع ڪيو ويندو. ڪالھ سنڌ فارمرس فورم جي گڏجاڻي حيدرآباد ۾ ٿي گذري. گڏجاڻي کي خطاب ڪندي فورم جي صدر رياض احمد پنھور، جنرل سيڪريٽري اسد اللھ جمالي، عبدالجبار مريداڻي، ثناءُ اللھ بلوچ ۽ ٻين چيو تھ سنڌ ۾ 46 ڪروڙ پالتو جانور موجود آھن، پر جانورن جي علاج لاءِ قائم اڪثر اسپتالون بند آھن، جڏھن تھ سرڪاري دوائون پرائيويٽ اسٽورن تي ملن ٿيون. ھنن چيو تھ سنڌ ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي موجود آھي، جتي جانورن جي علاج لاءِ ويڪسين تيار ٿئي ٿي،  پر حڪومت طرفان دوائون ڪميشن تحت پرائيويٽ ڪمپنين کان ورتيون وڃن ٿيون. ھنن چيو تھ زراعت توڙي جانور سنڌ جي معشيت ۾ اھم ڪردار ادا ڪن ٿا، ٿر ۽ ڪاڇي جي ماڻھن جو گذرسفر ئي مال تي ٿئي ٿو، پر لائيو اسٽاڪ ادارو ان طرف ڪوبھ توجھ نھ ٿو ڏئي، ماڻھن جيان جانور جا بھ عطائي ڊاڪٽر اسپتالون کوليو ويٺا آھن، پر ڪير پڇڻ وارو بھ ناھي. ھنن چيو تھ سنڌ جي ڳاڙھي ڳئون، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ موجود آھي، ۽ ھو ان جو نسل بچائيندا اچن پيا، پر اھا سنڌ جا ختم ٿيندي نظر اچي پئي.ھنن چيو تھ سنڌ ۾ ريسرچ لاءِ زمينون موجود آھن، جن تي قبضا ڪيا پيا وڃن ۽ ڪجھ زمينون غير آباد ٿي ويون آھن، ۽ جيڪي زمينون آباد ٿين ٿيون، انھن مان پيدا ٿيندڙ پيداوار ۾ ڪرپشن ٿئي ٿي. ھنن مطالبو ڪيو تھ سنڌ ۾ موجود جانورن جي اسپتالن کي فعال بڻائي اداري ۾ ٿيندڙ ڪرپشن کي ٻنجو ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ جا مالوند احتجاج جو سلسلو شروع ڪندا ۽ ڪراچي پريس ڪلب سامھون احتجاجي ڌرڻو ھنيو ويندو. 17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.