اسلام ڪوٽ ۾پرڻو ڪندڙ جوڙي جو تحفظ لاءِ احتجاج

مٺي(بيوروچيف) اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ گلو تڙ واسي پريمي جوڙي انعام ابڙو ۽ سندس زال شماءُ ابڙو وارثن اشرف ابڙو،سوڍو،مسعود،عاقب ابڙو ۽ ٻين سان گڏجي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو،جتي دانهيندي انعام ابڙو ۽ گهرواري شماءُ ابڙو چيو ته اسان 2017ع ۾ لاڙڪاڻي جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪيو، جنهن بعد مخالف ڌُر جا ماڻهو زندگين جادشمن ٿي پيا آهن،اسان کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي،اسان کي لاڙڪاڻي بعد سنڌ هاءِڪورٽ بہ تحفظ ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي،تازو جوابدار زمان ڳاهو اسان جي گهر اچي پاڻي جي دلي ۾ ڪجھ علم ڪرايل شيون اُڇلائي ويو،جيڪو اسان ڏسي ورتيون ۽ هُو ڀڄي ويو.،اُهي شيون اسان محفوظ ڪري رکيون آهن،ڄاڻايل مخالف اسان کي مارڻ چاهين ٿا،روزاني جهيڙا ٿا ڪن،اسان پوليس کي شڪايت ڪئي آهي،پوليس دانهن نہ ٿي ٻُڌي،ويتر مخالفن جي ڪوڙين درخواستن تي پوليس اسان کي تنگ ڪري رهي آهي.،هنن چيو تہ اسان جي زندگين کي خطرو آهي،نوٽيس وٺي تحفظ ڏنو وڃي،پريمي جوڙي سان گڏ آيل وارثن جو چوڻ هُو تہ جوڙي سان سراسر ظلم هلي رهيو آهي،هنن جي پيار جي پرڻي بعد ڳوٺ جا ماڻهو دشمن بڻجي ويا آهن،تحفظ ڏيئي زندگيون بچايون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.