مسوڀرڳڙي جو يوٽيلٽي اسٽور بي لاڀ، پورهيت طبقو پريشان

مسوڀرڳڙي (رپورٽ : علي رضا چند) مسوڀرڳڙي شهر ۾ قائم يوٽيليٽي اسٽور تان وفاقي حڪومت پاران اعلانيل سستو اٽو ۽ کنڊ هتي من پسند دوڪاندارن ۽ هوٽلن اٽي چڪي مالڪن کي سستي اگه ۾ وڪرو ٿيڻ لڳو آھي جنهن ڪري اٽي چڪي مالڪ سستو مليل اٽو مهانگي اگھ ته وڪرو ڪرڻ لڳا آھن  غريب طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهو يوٽيليٽي اسٽورن جا چڪر ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، پر يوٽيلٽي اسٽور ته آيل سستو اٽو کنڊ نه ملي سگهي آھي يوٽيلٽي اسٽور به هفتي ۾ ٻه ڏينهن هلڻ لڳو آھي ان سلسلي ۾ شهرين دانهيندي چيو ته يوٽيليٽي اسٽور عوام کي ريليف ڏيڻ لاءِ کوليا ويا آهن پر  مسوڀرڳڙي جو يوٽيليٽي اسٽورن تان سستو اٽو ۽ کنڊ گم آهي، هفتي ۾ صرف ٻه ڏينهن کوليووڃي ٿو ٻياڏينهن هميشه تالو لڳل ھوندو آھي  يوٽيليٽي اسٽور وارو  بااثر دوڪاندارن سان ملي ڀڳت ڪري سستو اٽو ۽ کنڊ انهن کي وڪرو ڪري ڏيئي ٿي جيڪي مارڪيٽ ۾ مهانگي اگهه تي وڪرو ڪن ٿا، باقي يوٽيليٽي اسٽور تي غريب طبقي کي اٽو ۽ کنڊ نه ٿي ملي جيڪا وڏي زيادتي آهي، هنن وفاقي حڪومت جي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته مسوڀرڳڙي جي اسٽور تي کنڊ ۽ اٽو نه ملڻ جو نوٽيس وٺي ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪري عوام کي ريليف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.