اوڏيري واسي نوجوان ڪينسر ۾ورتل، علاج ڪرائڻ جي اپيل

اوڏيرولال (ن ع آ) اوڏيرولال اسٽيشن لڳ ڳوٺ غلام رسول هنڱورو ۾ پورهيت دوست محمد ڇٽو جو 17 سالن جو نوجوان پٽ سجاد ڇٽو ڪيترن ئي مهينن کان ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، نوجوان جي پيءُ دوست محمد ڇٽو صحافين کي ٻڌايو ته پنهنجي پٽ جي علاج لاءِ اسپتال جا چڪر ڪاٽي پنهنجي جمع پونجي خرچ ڪري چڪو آهيان پر اڃان تائين سندس نوجوان پٽ موذي مرض سان جنگ وڙهي رهيو آهي ۽ اسان غريب مسڪين آهيون، اسان جي ڪنهن به مدد نه ڪئي آهي، نوجوان سجاد جي پيءُ دوست محمد ڇٽو سنڌ حڪومت جي چونڊيل نمائندن ۽ سرندي وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته سندس نوجوان پٽ سجاد جو علاج ڪرائي سندس زندگي بچائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.