ڪشمور واقعو: سمورن جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ گهرجي

ايڊيٽوريل

سنڌ ۾معصوم ٻارڙن سان جنسي ڏاڍاين ۽ عورتن جي قتلام جو سلسلو  ڄڻ ته معمول بڻجي چُڪو آهي. قتل ۽ ڏاڍاين جون خبرون روز جي بنياد تي ميڊيا جي زينت بڻجي سماج جي منهن تي ڪارو داغ بڻجنديون رهن ٿيون. اهڙيون ئي لڱ ڪانڊاريندڙ خبرون اسان جي معاشري جي درندگيءَ جو عڪس اسان جي آڏو کڻي اينديون آهن، جنهن تي اسان افسوس به ڪندا آهيون ته انصاف لاءِ دانهيندا ۽ آواز به اُٿاريندا رهيا آهيون. هي معاشرو ٻارڙن ۽ عورتن جي تحفظ جي لحاظ کان ڪيترو محفوظ آهي ان جو اندازو  لڳائڻ  ايترو ڏکيو ناهي، ڇو ته ان جو مشاهدو اسان روزانو ڪندا رهندا آهيون. جيتوڻيڪ نابالغ ٻارڙن ۽ عورتن جو سماجي تحفظ رڳو معاشرتي مسئلو ناهي، اهو رياستي دائري ڪار ۾اچي ٿو، پر اسان جا حڪمران عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ بدران اقتدار جي نشي ۾اگهور ننڊ سُتا پيا آهن، اهو ئي ڪارڻ آهي جو اهو سلسلو ڏينهون ڏينهن زور وٺندو پيو وڃي. روز مرهه جا واقعا ٻڌائين ٿا ته سڀ ڪجهه انتظامي غفلت ۽ بي رحم حڪمرانن جي نااهلي سبب ٿي رهيو آهي.

چار ڏينهن اڳ ڪشمور ۾هڪ واقعو پيش آيو، جنهن انسانيت جو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو آهي. وحشي درندن ڪراچيءَ سان تعلق رکندڙ هڪ عورت کي نوڪريءَ جو دلاسو ڏئي ڪشمور ويجهو گُهرائي نه صرف ان سان لڄالٽ ڪئي پر سندس پتڪڙي ڌيءَ عليشا کي مُسلسل ٽن ڏينهن تائين جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ۽ مظلوم ماءُ کي اُن وقت تائين ڌيءَ واپس نه ڏني وئي جيستائين جوابدار پاران رکيل شرط ٻي عورت وٺي اچڻ وارو پورو نه ٿيو! نيٺ اي ايس آءِ محمد بخش ٻُرڙو جي انساني همدرديءَ ۽ ڪوششن سان عليشه واپس ماءُ کي ته ملي پر بيهوش حالت ۾! جنهن کي لاڙڪاڻي جي شيخ زيد پيڊس سرجري اسپتال ۾آپريشن بعد هوش آيو، هاڻي به طبعيت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي ۽ لاڙڪاڻي کان ڪراچيءَ آغا خان اسپتال منتقل ٿي آهي.

متاثر عورت تبسم جو چوڻ هو ته هُوءَ انتهائي غريب آهي، مُڙس به کيس طلاق ڏئي چڪو آهي. ڄاڻايل جوابدار نوڪري جو آسرو ڏنو، مون به مٿن اعتبار ڪري پنهنجي زندگيءَ زهر بڻائي آهي، هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ظالم شخص مون سان ته زيادتي ڪئي پر منهنجي معصوم نياڻيءَ کي به بخش نه ڪيو، جنسي زيادتي سبب ننڍڙي عليشه جو سڄو جسم متاثر ٿيو آهي ۽ ڏند به ڀڄي پيا آهن. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته ڪٿا سموري سراپا درد آهي، پر هن واقعي جو  افسوسناڪ پهلو اِهو آهي ته جوابدار جي گرفتاري تڏهن عمل ۾آئي جڏهن اي ايس آءِ محمد بخش ٻُرڙو معصوم عليشا جي آزاديءَ لاءِ پنهنجي ڌيءَ جوابدار آڏو پيش ڪئي. اسان اي ايس آءِ کي سلام پيش ڪيون ٿا جنهن وڏي فخر سان انساني همدرديءَ طور جوابدار جي گرفتاري لاءِ پنهنجي ڌيءَ جوابدار آڏو پيش ڪئي.

رپورٽ آهي ته ڪشمور پوليس گرفتار مُک جوابدار رفيق ملڪ کي روپوش ٻئي جوابدار کي گرفتار ڪرڻ لاءِ وئي ته سندس ئي ساٿي جوابدار خير الله بگٽي جي فائرنگ ۾رفيق ملڪ مارجي ويو، جنهن کانپوءِ پوليس جوابدار خير الله بگٽي کي هٿيار سوڌو گرفتار ڪري ورتو آهي. ڏوهاري پاران ڪيل سنگين ڏوهه ته پنهنجي جاءِ تي موجود آهي پر ان جي گرفتاري کانپوءِ سندس ساٿي جي فائرنگ ۾مُک جوابدار جو مارجڻ پڻ کوڙ سارا سوال اُٿاري رهيو آهي، جيڪي سوال جواب طلب آهن. ڇا واقعي ئي مارجي ويل شخص اصل ڏوهاري هو؟ ڪٿي ايئن ته ناهي پوليس هڪڙي جوابدار کي مارائي اصل جوابدار کي بچائڻ جو رستو ته ناهي ڪڍيو؟ ڪٿي پوليس ڪيس جو رُخ موڙي شاهديون ته نه پئي مٽائي؟ اسان سمجهون ٿا ته عدالت کان مٿانهون قتل پڻ ڏوهه آهي، توڙي جو ڏوهه ڪيڏو به سنگين ڇو نه هجي. قانون کان مٿانهان کنيل قدم معاشري ۾سُٺائي نه پر ڏڦيڙ ۽ ويتر وحشت پکيڙيندا آهن، تنهن لاءِ اهو اسان سڀني تي فرض ۽ لازم ٿئي ٿو ته اسان قانون هٿ ۾کڻڻ بدران قانوني دائري ۾رهندي مامرن جا حل ڳوليون.

هن وقت تائين ظلم جو شڪار بڻيل عورت ۽ سندس ڌيءَ کي انصاف ڏيارڻ لاءِ مختلف شهرن ۾احتجاج جاري آهن. سوشل ميڊيا تي پڻ عورت جي حق ۾۽ اصل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ آواز اُٿاريو پيو وڃي. ٻئي پاسي سڄاڻ ڌرين پاران اهو خدشو پڻ ظاهر ڪيو پيو وڃي ته پوليس هن مامري کي سنجيدگيءَ سان نه پئي ڏسي، ان صورت ۾متاثر عورت ۽ سندس ڌيءَ سان انصاف نه ٿيندو. ڏٺو وڃي ته ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ قبائلي علائقا آهن، جتي عدالتن بدران جرڳن ذريعي فيصلا ڪيا ويندا آهن پر اسان چاهيون ٿا ته هي واقعو ايئن جرڳاين جي ور نه چڙهي ۽ هن واقعي جي شفاف جاچ ٿيڻ  گهرجي، اُن لاءِ ضروري آهي ته ڪنهن سُٺي ساک رکندڙ پوليس آفيسرن تي ٻڌل جوڊيشل ڪاميٽي کان انڪوائري ڪرائڻ گهرجي ۽ ملوث سمورن جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾آندو وڃي ته جيئن متاثر عورت ۽ سندس ڌيءَ سان انصاف ٿي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.