اختيارن جي غير متوازن ورڇ ۽ پي ڊي ايم جو مستقبل؟

عاطف ملاح

 

اپوزيشن ڌرين طرفان ”پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ“ نالي اتحاد ٺاهڻ بعد اُن جي پليٽ فارم تان ڪيل جلسن، اُنهن منجھھ پهرين نواز شريف پوءِ مريم نواز جي بيانن، خاص ڪري ڪراچيءَ ۾جلسي کانپوءِ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جي گرفتاريءَ واري مامري تي ۽ هاڻي تازو ئي اُن واقعي سان لاڳاپيل پڌري ڪيل جاچ رپورٽ ميڊيا جي دُنيا ۾تمام گهڻي بحث هيٺ آهي.

 

هونئن ته دُنيا اندر ان قسم جا مامرا ڪو گهڻو بحث هيٺ نه هوندا آهن ۽ نه ئي وري ڪو اهڙن مامرن تي ڪا گهڻي ڳالھه ٻولهھ ڪئي ويندي آهي ڇاڪاڻ ته دُنيا وٽ رياستي ڍانچي اندر اختيارن جي ورڇ ۽ اُن کي متوازن رکڻ جا طور طريقا ۽ ڍانچو هوندو آهي، جيڪو اتي رياستي مامرن ۾هر ادارو پنهنجي حصي جو ڪم پيو اُڪلائيندو آهي. رڳو ائين ناهي ته جيڪا اقتداري راند يا اُن ۾وڌيڪ حصيداري وارا مامرا هتي ٿين ٿا اُهي ٻين هنڌن تي به هوندا پر ڪنهن ٻئي رخ، شڪل، انداز ۽ ڍنگ ۾هوندا پر وري به تنهن ۾ هي ڳالهه به واضح هجڻ کپي ته جيڪا روش، جيڪي رياستي، ملڪي ادارن جي عملن جي وچ ۾غير اطميناني، غير ذميواري، اختيارين جو غير آئيني واڌو استعمال اسان وٽ آهي تنهن ڪري آئون نه ٿو ڀانيان ته اِهو لقاءُ ڪو ٻئي هنڌ به اسان کي ايئن ان انداز سان ڏسڻ ۾ايندو.

پاڪستان جي تاريخ اندر، پاڪستان جي رياست جي ادارن جي آئيني جوڙجڪ، حدون ۽ اُن کان وڌيڪ رياست جي ادارن جي عملن ۽”اقتداري ڀائيواري“ واري ويڙهه ڏاڍي خطرناڪ رهي آهي. جنهن خود رياست کي ڪيترن ئي بحرانن جي ور چاڙهيو. ماضيءَ جو بحث ڊگهو آهي حال ۾ئي رڳو اُن اقتداري ڀائيواري لاءِ جنگ کي ڏسجي جنهن ۾بالادست ڌر پنهنجي حصيداري وڌائڻ يا پاڻ کي طاقت بخشڻ لاءِ مهرا ته هلايا پر هاڻي خود اُن حڪومت جي اتحادين اندر به هڪ قسم جو تضاد پيدا ٿي ويو آهي يا چئجي ته ملڪ بحران جي ور چڙهي ويو آهي، اُن تضاد جي شڪل ق ليگ کان ويندي ٻين حڪومت جي حمايتي ڌرين جي هاڻوڪي پوزيشن آهي، جيڪا حڪومت جي حمايت ۾قطئه نظر نه پئي اچي.

اُن سموري ڪارونهوار يعني اقتداري جنگ جي وڌيڪ حصيداري يا طاقت جي توازن مٿان بالادستيءَ ۾عالمي ايجنڊا ۽ اُنهن جا مفاد گهڻي اهميت رکن ٿا جو سندن ئي مداخلت سان اِهو سمورو عمل وڌيڪ پيچيده بڻيو ۽ گهڻي عرصي لاءِ جٽادار ٿيو.

پاڪستان جي سياست جي تاريخي پسمنظر ۽ اُن تاريخ جي دريءَ مان جهاتي پائيندي نظر ايندڙ نتيجن پٽاندڙ موجوده ملڪي سياسي صورتحال گهڻن ئي حوالن سان اهميت جوڳي آهي. ننڍين قوميتن، خاص ڪري سنڌ صوبي جي وسيلن تي سڌيءَ ريت غير جمهوري طريقي ۽ آئين جي لتاڙ ڪندي جاري ڪيل غير آئيني صدارتي آرڊيننس ذريعي سنڌ جي ٻيٽن کي وفاقي قبضي هيٺ ڪرڻ ۽ اڃا به وڌيڪ ٻيٽن توڙي ٻين قومي وسيلن جي ڦرلٽ ڪرڻ کان ويندي ان ڪڌي عمل کان اڳ سنڌ جي زمينن، پاڻيءَ تي ڌاڙن سميت مختلف طريقن سان ٿيندڙ قومي ڦُرلٽ مان هيءَ ڳالهھ واضح آهي ته رياست جي ادارن اندر ڪيتري حد تائين اختيارن جي عمل جو دائرو غير اطمينان بخش آهي.

مٿان وري سويلين ادارن اندر نان سويلين ڀرتين وارا لقاءُ به پنهنجي جاءِ تي ڪافي اهميت رکن ٿا جو ان روش اختيار ڪرڻ منجهان اسان کي سموري ملڪي ڪارونهوار جي حقيقي ڪهاڻي ۽ مامرا چڱيءَ ريت سمجهھ ۾ اچي ويندا. ٻيو وري خود اپوزيشن ڌرين جو هڪ پليٽ فارم تي گڏجي هڪ ئي ايجنڊا تي هلڻ پڻ ان سموري ملڪي سياسي منظرنامي جوڙڻ لاءِ ڪافي اهميت اختيار ڪري ويو آهي. اها الڳ ڳالهھ آهي ته مخالف ڌريون ان ايجنڊا تي ڪيترو عرصو قائم رهنديون؟ ڪيترو پنهنجي ان تحريڪ کي هلائي وينديون؟ ۽ اُنهن مخالف ڌرين جي اتحاد پي ڊي ايم جو مستقبل ڪهڙو هوندو؟ قطئه نظر اُن جي اُهي ڌريون جيستائين به پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان پنهنجي موقف تي قائم ۽ جٽاءُ ڪري سگهيون سو بهتر.

هاڻي وري پاڻ پنهنجي مٿين ڳالھه جي تسلسل ۾هڪ اڳڀرائي ڪيون يا اُن بحث جي تت تائين پهچون ته هي هڪ ڳالهھ غور طلب هجي ته ماضيءَ ۾پاڪستان جي سياست اندر اقتداري ڀائيواري يا ادارن جي”عملن“ منجھه ساڳئي صورتحال اڃا وڌيڪ ۽ زور شور سان جاري هئي ۽ ماضيءَ ۾هيئن به ٿيو ته اُن اقتداري ڀائيواري واري جنگ ۾ڪڏهن ڪڏهن هڪ ڌر جيڪا اڄ به پنهنجي جوهر ۾پنهنجي ساک توڙي اُن ڀائيواري جي وڏي حصي حاصل ڪرڻ جي پٺيان آهي، جنهن ۾پاڻ مٿي قومي ڦرلٽ خاص ڪري سنڌ صوبي جي وسيلن مٿان ٿيندڙ يلغار کي ڳڻائي چڪا آهيون، سا پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾سڌيءَ ريت به ڪيترا ئي دفعا اسٽيج آڏو اچي ملڪي ڪارونهوار کي مفلوج بڻائي چڪي آهي ۽ وري به اُن ئي روايت کي برقرار رکڻ لاءِ ڪوشان آهي جنهن ۾هُو پنهنجي حصيداري وڌائڻ جي خواهشمند آهي نه ته هونئن به مامرا سندن ئي هٿن ۾آهن جنهن جو مثال ملڪ جي موجوده صورتحال آهي.

هاڻي پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جيئن ته ڪافي زور وٺي چڪي آهي ۽ اُن ۾شامل ڪافي ڌريون توڙي جو سندن رحم ڪرم جون محتاج هيون پر جيئن ته وقت هڪ جهڙو نٿو رهي ۽ نه ئي اُن جون تقاضائون هڪجهڙيون رهن ٿيون تنهنڪري اُن ۾هن وقت تائين جي امڪانن مان هي ڪُجھه ڳالهيون نظر اچن پيون ته نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪُجھه ٻيا اڃا به پنهنجي موقف تي قائم آهن. جنهن جو واضح مثال تازو ئي جاري ڪيل انڪوائري رپورٽ تي نواز شريف جو ردعمل آهي جيڪو ڪافي اِهميت رکي ٿو، اِن مان معلوم ٿئي ٿو ته هُو اڃا مٿين سطح تي شين کي بحث هيٺ آڻڻ چاهي ٿو. جيڪا ڳالهھ ادارن جي ”عمل“ ۽ ”غير متوازن ورڇ“ کي واضح بيهارڻ ۾مدد ڏيندي. اُن کانپوءِ وري پي ڊي ايم جي 8 نومبر واري گڏجاڻيءَ ۾مولانا جو بيان پڻ اِهم آهي، جنهن ۾ هُن ڪردارن جا نالا وٺڻ واري نواز شريف جي موقف تي ڪنهن به حيرت جو اظهار نه ڪيو پر اُن جي بنسبت پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گلگت چونڊن ۾ئي پنهنجي ايمان کي سلامت نه رکي سگهيو ۽ وري انڪوائري رپورٽ تي پڻ بلاول ڀٽو جو موقف نواز شريف ۽ مولانا جي اُبتڙ آهي، توڙي جو مولانا فضل الرحمان اِن جو ظاهري اظهار نه ڪيو آهي پوءِ به هُو بلاول جي ڀيٽ ۾نواز شريف سان گڏ بيهندي نظر اچي ٿو. پي ڊي ايم جي ڪراچيءَ واري جلسي کانپوءِ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جي گرفتاري واري واقعي ۽ اُن ۾بلاول جي ” مٿين سرڪار “سان اختيار ڪيل پاليسي بعد هي انڪوائري رپورٽ ۽ اُن جي ردعمل ۾بلاول جي مفاهمتي پاليسي ان ڳالهھ جي ثابتي ڏني آهي ته پيپلزپارٽي ڪهڙي طرف جهڪاءُ رکي ٿي؟ اهي مامرا پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ اندر پيدا ٿيل تضاد جون نشانيون آهن.

گهڻن تجزئي نگارن جو خيال آهي ته گلگت چونڊن پي ڊي ايم تحريڪ تي گهرا اثر ڇڏيا آهن. بلاول ڀٽو جي لاڳيتو لچڪدار پاليسي پيپلزپارٽي جي مفادن وٽان آهي. ڪجهھ تجزئي نگارن موجب ته پي ڊي ايم تحريڪ جو گهڻو فائدو پيپلزپارٽي کي ئي ملي سگهندو، پر جيڪڏهن پيپلزپارٽي پي ڊي ايم سان پنهنجا رستا جدا ڪيا ته! ڇو ته اهو عمل پيپلزپارٽي کي پنهنجي اقتداري منزل ڏانهن رسائي حاصل ڪرڻ ۾مدد ڏيندو ۽ پيپلزپارٽي جي موجوده پوزيشن ۽ هنن جي اٽڪل بازين منجهان انهن امڪانن کي به رد نه ٿو ڪري سگهجي ڇو ته هُنن جتي ڪرسيءَ لاءِ سنڌ وڪڻي ڇڏي آهي اُتي ڪنهن وڏي”ڊيل“ جي آسري ۾هُو ڪنهن به حد تائين هليا ويندا.

پيپلزپارٽي جي پلٽي کائڻ واري پنهنجي موقف کي ملڪ جي موجوده سياسي منظرنامي سان ٺهڪائي پيش ڪرڻ لاءِ يا اُن موقف کي مضبوط دليل مهيا ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن ڏسجي ته هي ئي لقاءُ نظر اچي پيو ته غير جمهوري قوتن جي ڪُک مان جنم وٺي، پوءِ اُنهن جي اشارن تي هلڻ بعد اڄ وري اُنهن جي ئي آشيرواد حاصل ڪرڻ لاءِ هٿوراڙيون هڻڻ. اِها آهي پيپلزپارٽي ٻيو ڪُجھه به نه! سو هو ان فائدي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي ماضيءَ جي باقيات جاري رکي سگهن ٿا پر ڏسڻ ۾به ايئن ئي پيو اچي ته هو اها روايت جاري رکندا. جيئن چوندا آھن ته ايمان مھمان آھي ھاڻي ڏسجي ته اھو مھمان نواز شريف ۽ مريم نواز وٽ گھڻا ڏينھن ٿو ٽڪي؟

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.