معصوم عليشا کان مظلوم فهميده شر تائين !

مير ذوالفقار چانڊيو

اڄ ڪلھه معاشري مان احساس جي کوٽ ۽ پنھنجائپ جي لازوال دولت ڏينھون ڏينهن ختم ٿي رھي آهي. ھاڻي پنھنجائپ جي نالي تي بگھڙ نما انسان پيدا ٿي رھيا آهن جيڪي ھمدردي جي نالي تي ماڻهن جي عزتن سان کيڏي رھيا آهن ھر ايندڙ ڏينهن تي ڪنهن نه ڪنهن نياڻي يا نينگر کي هوس جو نشانو بڻائي انهن جي عزتن کي سرعام رسوا ڪيو ويندو آهي. جيئن ھلندڙ ھفتي ڪراچي واسڻ معصوم گلن جھڙي پري 4 سالن جي عليشا سان ڪشمور ۾اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻائي کين مرڻينگ ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ ڪشمور پوليس بھادري جو مظاهرو ڪندي مک جوابدار رفيق ملڪ کي گرفتار ڪري ورتو جيڪو ھڪ ڏينهن اڳ ڪشمور پوليس ايس ايس پي امجد شيخ جي اڳواڻي ۾پوليس مقابلي ۾ماريو ويو آهي يا مارجي چڪو آهي. خير اھو بحث الڳ ۽ ٻيو آهي پر سنڌ جي لاءِ وڏي خوشي جهڙي ڳالهه اھا آهي جو ڪنهن مظلوم نياڻي جي جوابدار کي تُرت سزا ڏئي پنهنجي انجام تائين پھچايو ويو آهي.

هن ڪيس ۾ھڪ ٻيو جوابدار خير الله بگٽي گرفتار ٿي چڪو آهي، صرف ايترو نه پر جوابدار معصوم جي جيجل امڙ تبسم مغل کي نوڪري وٺي ڏيڻ جي بھاني ڪشمور گھرائي 30 ھزارن ۾وڪرو ڪيو صرف ايترو نه پر ھلندڙ ھفتي ميرپور خاص ويجهو سنڌڙي ۾پسند پرڻو ڪندڙ مظلوم فھميدا شر کي سندس مائٽن دوکي سان گھرائي ڪارو ڪاري رسم ۾قتل ڪري ڇڏيو، رڳو ايترو نه پر سانگھڙ جي ويجهو کپرو ۾سڳي ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ گلشانا شر کي ڪارنھن الزام هيٺ قتل ڪري ڇڏيو، ايترو نه پر نواب ولي محمد ۾اڻڄاتل جوابدارن پاران ڪرن آرائين کي ڇرين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو!

معاشرتي مامرن جو جائزو وٺنداسين ته پتو پوندو، ڪشمور واقعي جھڙا واقعا ملڪ جي ھر ڪنڊ ڪڙڇ ۾روز ٿيندا رھن ٿا پر افسوس ته ميڊيا جي حمايت نه ھجڻ ڪري ڪافي واقعا ٿيڻ سان ئي دٻجي ختم ٿي ويندا آهن. خاص ڪري جيڪي پنجاب ۾واقعا ٿين ٿا ته ميڊيا انهن کي ھيڊلائينز ۾ڏيکاري ڪري ملڪي سطح تي وڏو ڪري ڏيکاري ٿي جنهن سبب ھر ماڻهو ان واقعي کي وڏي اھميت جي نظر سان ڏسندو آهي. جيئن ڪجهه سال پھرين پنجاب جي شھر قصور ۾ننڍڙي ٻارڙي زينب سان جنسي هوس جو واقعو پيش آيو ته ان واقعي کي ميڊيا تمام گهڻي تيزي سان ڏيکاريو ته ان جو قاتل سرعام ڦاسي چاڙهيو ويو. مطلب ته جنهن به واقعي کي سوشل ميڊيا يا اليڪٽرانڪ ميڊيا وڏي پئماني تي ڏيکاري ٿي ان واقعي جي جوابدارن کي ضرور سزا ملي ٿي، جيڪڏهن انھيءَ جھڙا ساڳيا واقعا سنڌ ۾ٿيندا آهن ته ميڊيا جي حمايت نه ھجڻ ڪري بس دٻجي ويندا آهن، انهن جا جوابدار قانون جي ڪٽھڙي کان آزاد ھوندا آهن. پنجاب ۾اھڙو واقعو ظاهر ٿئي ته ميڊيا، اعليٰ عملدار ۽ حڪمران پنهنجو ردعمل ڏيکارين ٿا پر سنڌ ۾ايئن ڇو نٿو ٿئي؟ ڪجهه وقت اڳ وزيراعظم جو بيان سامهون آيو ته جنسي هوس جو نشانو بڻائيندڙ مردن کي مردانگي کان ختم ڪيو وڃي، گهڻو وقت گذري وڃڻ باوجود وزيراعظم جي ان بيان تي عمل ته نه ٿي سگھيو آهي.

ھونئن ته ملڪي قانون اندر اھڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ سخت سزائون مقرر ٿيل ھونديون آهن پر جوابدار اثر رسوخ يا چونڊيل نمائندن سان دوستاڻا تعلق ھجڻ ڪري سزا کان بچي وڃن ٿا. سنڌ جي حڪمران جماعت پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو کي گھرجي ته رڳو مذمتي بيان ڏيڻ کان بھتر آهي ته ڪشمور واقعي سميت سنڌ اندر اھڙي قسم جي واقعن کي روڪڻ لاءِ جوابدارن کي سخت ڏياري نه ته اھڙي قسم جا واقعا سنڌ اندر اڳ وانگي ٿيندا رھندا. سنڌ ۾ ايئن قانون ھجڻ گھرجي ته جيڪو زيادتي يا ڪارو ڪاري قتل جو جوابدار گرفتار ٿئي، جوابدار پاڻ ڏوهه قبولي ته پوليس ترت ئي ان کي منطقي انجام تائين پھچائي جنهن سان ڏوھن تي ضابطو اچي سگهي ٿو پر هتي گهڻو ڪري جوابدار پاڻ ڏوهه قبولي به ٿو پر پوءِ ڪيس اڳتي عدالتن ۾هلي رولڙي جو شڪار ٿي ويندا آهن جنهن سان تڪڙي انصاف ملڻ جي اُميد ۽ آسرو ختم ٿي ويندو آهي. ان لاءِ حڪومت ۽ اعليٰ اختيارين کي گهرجي ته تڪڙو ڪو اهڙو قانون جوڙين جنهن سان مظلومن کي تڪڙو ئي انصاف ملي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.