گلگت چونڊون ۽ جمهوري اتحاد وارو سوال

 اعجاز احمد ڀيو

چوندا آھن ته سياست پنهنجي نظريي، منشور ۽ پروگرام ذريعي عوام ۽ مخالفن کي دليلن سان قائل ڪرڻ جو نالو آھي پر بدقسمتيءَ سان ساڳئي سياست اسان وٽ گٿن لفظن، ذاتي حملن ۽ هڪٻئي جي  ڪردار ڪشي ذريعي عوام ۽ مخالفن کي گٿن لفظن سان قائل ڪرڻ جو نالو بڻجي وئي آھي جنهن جو ويجهو مثال ٿيندڙ گلگت بلتستان جي چونڊ مهم ۾اسان ڏسي رهيا آھيون. مخالف ڌُر جماعتون حڪومت کي سَت سُريون ٻُڌائي ڪارنر گڏجاڻين جي پڄاڻي مس ٿيون ڪن ته مٿان وري علي امين گنڊاپوري ۽ مراد سعيد جهڙا حڪومتي وزير مخالف ڌُر کي چور ۽ غدار ڪوٺي پنهنجو سياسي منشور گار گند سان عوام آڏو رکن ٿا ۽ ادارا به عوام جيان چونڊ مھم ۾هلندڙ سرد جنگ کي سڪون سان ڏسي رهيا آھن.

گلگت بلتستان ۾اڄ 24 سيٽن تي چونڊ ٿي رهي آھي. ڏٺو وڃي ته هي چونڊ پنهنجي جاءِ تي هڪ خاص اهميت جي حامل آھي ڇو ته هي چونڊون هڪ اهڙي صورتحال ۾رونما ٿيڻ وڃن پيون جو اپوزيشن به بيانبازيءَ کان ٻه قدم اڳتي وڌي وڃي عملي جدوجهد طرف وڌي رهي آھي ۽ ووٽ جي چوريءَ خاطر سراپا احتجاج آھي، ان سان گڏوگڏ اڳئين چونڊن جي نتيجن کي به مڃڻ لاءِ تيار ڪونهي اهڙي ئي صورتحال ۾گلگت چونڊون ٿي رهيون آھن ۽ سڀني جون نظرون انهن چونڊن تي ان لاءِ به کُتل آھن ته اهي چونڊون ٿي سگهي ٿو ته سياسي گرمي پد کي گهٽائڻ لاءِ مقتدر قوتن کي خاص فائدو ڏئي سگهن ٿيون ڇو جو مخالف ڌُر جماعتن جيڪڏهن هنن چونڊن ۾شڪست ڏٺي ته پوءِ ممڪن آھي ته مخالف ڌُر جماعتون مذمت کان ٻه وکون  اڳتي مزاحمت ڪرڻ تي مجبور ٿي پون ۽ جيڪڏهن ايئن نه ٿو ٿئي ۽ گلگت چونڊن جا نتيجا ڪنهن هڪ وڏي حڪومت مخالف سياسي جماعت مسلم ليگ نواز يا پيپلز پارٽيءَ جي حق ۾اچن  ٿا ته پوءِ انهن کي راضي ڪرڻ ۽ جمهوري اتحاد کي ختم ڪرڻ اصل اقتدار ڌڻين لاءِ سولو ٿي پوندو ۽ تبديلي سرڪار کي به طبعي مدي پوري ڪرڻ لاءِ آڪيسجن ڏئي سگهندا.

ڏٺو وڃي ته هن ڀيري مرڪز ۾حڪومت ڪجهھ ڳاڻائو ووٽن جي آڪيسجن تي ساھه کڻي رهي آھي پر پوءِ به اپوزيشن ٽن سالن کان وٺي حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ وقت ان جي مدد ڪندي پئي اچي جنهن مان اندازو لڳائڻ سولو آھي ته مخالف ڌُر به تبديلي سرڪار کي گهر ڀيڙو ڪرڻ بدران ايندڙ 2023ع وارين چونڊن لاءِ ڪنهن آشيرواد جو انتظار ڪري رهي آھي ۽ مخالف ڌر به ان عشق جي انداز کي سمجهي ورتو آھي ته جن عمراني سرڪار کي ايترا هيلا وسيلا ڪري اقتدار جي مسند تي ويهاريو آھي سي ان کان ايترو جلدي هٿ ڪو نه ڪڍندا ۽ نه ئي وري سڀاڻي سياسي ڌرين لاءِ ڪنٽير سياست جيان ان رواج کي جنم ڏيندا ته هر حڪومت ان وقت جي مخالف ڌُر جي احتجاج سبب پنهنجو طبعي مُدو پورو نه ڪري سگهي.

هنن چونڊن ۾حڪومت ۽ اصل اقتدار ڌڻي به چاهيندا ته چونڊن جا نتيجا ڪنهن هڪ وڏي مخالف جماعت مسلم ليگ نواز يا وري پيپلز پارٽيءَ جي حق ۾اچن ته جيئن مخالف ڌر جو جمهوري اتحاد خود بخود ڪمزور ٿي وڃي ۽ ائين ٿيڻ به وڃي پيو ته گلگت چونڊون ممڪن آھي ته پيپلز پارٽي جي حق ۾ اچن ۽ جي ايئن ٿيو ته پوءِ پيپلز پارٽي ان مخالف  ڌر جي جمهوري اتحاد کان پنهنجا رستا ڌار ڪرڻ ۾ دير ڪو نه ڪندي ڇو ته پيپلز پارٽي تبديلي سرڪار کي شروع کان وٺي هر ٽف ٽائيم ڏيڻ واري عين وقت تي مخالف ڌر جو ثبوت گهٽ ۽ اسٽبلشمينٽ جي ساٿاري هجڻ جو ثبوت وڌيڪ ڏنو آھي. باقي پيپلز پارٽيءَ کانسواءِ جمهوري اتحاد ۾مسلم ليگ نواز وڃي بچي ٿي سان به خاموش ٿي ويندي يا وري مريم نواز کي گرفتار ڪري مسلم ليگ کي قيادت کان محروم ڪيو ويندو ۽ پوءِ اهو سمورو اتحاد وڃي مولانا فضل الرحمان جي حوالي ٿيندو ۽ مولانا يا وري ننڍين جماعتن ۾به ايتري سياسي اوسر ڪونهي جو تبديلي سرڪار کي گهر ڀيڙو ڪن ڇو ته مولانا جي آزاديءَ مارچ دوران اصل اقتدار ڌڻين ھُن جو پاڻي چڱيءَ ريت ڪڇي ورتو آھي.

مطلب صاف ظاهر آھي ته جيڪڏھن گلگت چونڊون مسلم نواز جي حق ۾اچن ٿيون تڏھن به جمهوري اتحاد ڊگهي جبري موڪل تي روانو ٿي ويندو ۽ جيڪڏهن چونڊون پيپلز پارٽيءَ جي حق ۾اچن ٿيون ته پيپلز پارٽي به سنڌ صوبي کانپوءِ ٻئي صوبي جي حڪومت ملڻ تي اسٽبلشمينٽ جا ٿورا مڃيندي ۽ پوءِ ته جمهوري اتحاد کي الوداع چوڻ ۾به دير ڪو نه ڪندي ۽ ان ڳالهھ ۾به ڪو شڪ ڪونهي ته جمهوري اتحاد کي انهن ٻن حڪومت مخالف وڏين جماعتن مان ڪنهن هڪ جي ڇڏڻ سان اهڙو زنگ لڳي ويندو جو ان زنگ جي مدد سان تبديلي سرڪار پنهنجو طبعي مدو پورو ڪرڻ ۾ڪامياب ٿي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.