سنڌ جي ٻهراڙي جي تعليم، اُستاد ۽ مائٽن جو ڪردار

ڪونج پليجو

اڄ جي دور جي ڳالهھ ڪريون ته سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن جي تعليم ۾ڪوبه سڌارو ناهي آيو نه ئي وري ٻهراڙي جي ماڻهن جي رھڻي ڪھڻي ۾ڪو سڌارو آيو آهي. سنڌ ۾تعليم ۽ خواندگي جي شرح  ڪيتري آهي؟ ٻين صوبن مطابق سنڌ جي تعليم ڪهڙي انگ تي آهي؟

تعليمي شرح ۾اڄوڪي دور ۾سڀ کان اڳ پنجاب صوبو آهي. 971 1ع ۾خواندگي جي شرح ۾ 20.07 سيڪڙو ۽ 1998ع ۾ 46.60 سيڪڙو ٿي پر جيئن سال گذرندا ويا، پنجاب صوبي تعليم کي بهتر بڻايو. 2012ع ۾خواندگي جي شرح 71 سيڪڙو ٿي وئي. وري 2014ع ۾ 61 سيڪڙو ٿي وئي. هاڻي پنجاب پنهنجي تعليم کي باقي صوبن جي ڀيٽ ۾بهتر بڻائي ڇڏيو آهي. ٻئي نمبر تي سنڌ آهي. 1971ع ۾سنڌ جي تعليم واري شرح 30.20 سيڪڙو هئي جيڪا ان وقت ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ بهتر هئي. هن شرح ۾سنڌ جي پڙهيل لکيل ماڻهن جو انگ ٻين صوبن کان وڌيڪ هو. سنڌ 1981ع ۾33.5 سيڪڙو، 1998ع ۾45.29 سيڪڙو ٿي. ساڳئي سال پنجاب جي شرح خواندگي ۾اضافو ٿيو ۽ سنڌ ٻي نمبر تي اچي ويو. موجوده  Economic Survey of Pakistan 2019 جي رپورٽ موجب سنڌ جي شرح خواندگي 63.0 سيڪڙي مان 62.2 سيڪڙي تائين گھٽجي وئي  آهي ۽ ساڳئي وقت ۾ٻين صوبن ۾ بهتري آئي آهي. ٽئين نمبر تي خيبرپختونخوا صوبو آهي تعليم جي شرح جي فهرست ۾دهشتگردي سبب مائٽ پنهنجي ٻارن کي اسڪول نٿا موڪلين. 2012، 2013 ۽ 2014 ۾ تقريبن 60، 52 ۽ 53 سيڪڙو هئي. هاڻوڪي رپورٽ ۾سامهون آيو آهي ته 30 سيڪڙو شرح خواندگي ۾واڌارو ٿيو آهي. چوٿين نمبر تي بلوچستان آهي تعليم ۽ خواندگي جي شرح جي فهرست ۾ بلوچستان تعليم ۽ خواندگي جي شرح مطابق ٻين صوبن کان تمام گھڻو پوئتي آهي. بلوچستان پاڪستان جو ايراضي جي لحاظ کان وڏو صوبو آهي پر آبادي ۽ آدمشماريءَ ۾سڀ کان آخري صوبو آهي. بلوچستان جاگرافي جي لحاظ سان ريگستان ۽ گهڻي ڀاڱي جبلن تي مشتمل آهي، انهي ڪري هتي اسڪول جھڙي بنيادي عمارت به مشڪلاتن ۾آهي. بلوچستان جي خواندگي جي شرح 2012، 2013 ۽ 2014ع 50، 44 ۽ 43 سيڪڙو رهي.

سنڌ سرڪار جو تعليم تي ڌيان نه ڏيڻ ھڪ ازلي رواج پيو لڳي، منھنجي زندگي ۾مون ته اک کولڻ کان وٺي اڄ تائين اھو ئي ڏٺو آھي ته تعليم جي لحاظ کان سنڌ حڪومت جي ئي پاليسي درحقيقت تعليم دشمن آھي. ھر ڀيري نئين پاليسي جنھن جو حقيقتن سان ڪوبه تعلق ناھي ھوندو.

حڪومت پنجاب صوبي ۾سرڪاري اسڪولن تي تمام گھڻو ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ ان جا مثبت نتيجا پڻ ڏسي سگھجن ٿا. هر سال ڪتابن جا ڪورس نئين ايڊيشن ۾آسان ڪيا وڃن ٿا ته جيئن وڌ کان وڌ علمي رسائي ٿي سگھي، ان جي ڀيٽ ۾سنڌ جي سرڪاري اسڪولن تي ڌيان تمام گھٽ ڏنو ويندو آهي. سنڌ سرڪار جي خاص طور تي ٻهراڙي جي اسڪولن تي ڌيان نه ٿي ڏي، اسڪولن جي عمارتن جي حالت به تمام خراب آهي، اسڪول جو فرنيچر پراڻو ۽ ٽٽل آهي جنهن  ڪري ٻارن جو مستقبل سواليه نشان بڻيل آهي.

سنڌ جي ماضي جي تعليم ۾استادن جون خوبيون سج جيان روشن رهيون آهن. ماضي جا استاد تمام سٺي طريقي سان پنهنجي عهدي کي عزت ڏيندا هئا. جيتوڻيڪ استاد هڪ پيغمبري پيشو سمجهيو وڃي ٿو. ان وقت استاد پنهنجي ڊيوٽي پابندي سرانجام ڏيندا هئا، جنهن کي ڏسي ٻار پاڻ به اسڪول اچڻ ۾ دلچسپي وٺندا هئا.

ماضي ۾مائٽن جو ڪردار ڪجهھ ائين آهي ته مائٽ پنهنجي ٻارن کي استادن جي حوالي ڪري ڇڏيندا هئا ۽ چوندا هئا ته اسان جي ٻارن کي پڙهائي لکائي هڪ بهتر انسان بڻايو ته اڳيان هلي ڪري پنهنجي سٺي مقام کي پهچن ۽ پنهنجي مقصد کي ڪامياب ٿين. ٻار استادن جي ڳالهه پڻ مڃيندا هئا پر اڄ جي دور جي ڳالهه ڪريون ٿا ته صورتحال اُبتڙ نظر ايندي، مائٽ بجاءِ پنهنجي اولاد کي سمجھائڻ جي اهي پنهنجي ٻارن جي ڳالهه ٻڌي استاد جي شڪايت ڪن ٿا.

جڏهن ته ٻهراڙي ۾تعليم جي تباهي ۾ڳوٺ جا وڏيرا  آهن جيڪي سرڪاري اسڪولن کي پنهنجي اوطاقون بڻايو ويٺا آهن. سندن اثر رسوخ ايترو وڏو آهي جو اعليٰ اختيارين سان ملي ڪري پنهنجي نااهل  رشتيدارن کي به رشوت ۽ سفارش جي عيوض قوم جي ٻارن جي مستقبل جو سودو ڪري رهيا آهن. جيئن ته اڄوڪي 21هين صدي ۾اهو جرم ٿيڻ نه گھرجي، جتي اڄ انهن وڏيرن کي پنهنجي ڳوٺ جي ٻارن جي سٺي مستقبل لاءِ سرڪار کي بحيثيت هڪ ڳوٺ جو نمائندو ٿي ڪري اپيلون ڪري، عرض ڪري ته اسڪول کوليا وڃن، ڪتاب ۽ فرنيچر مهيا ڪرائين پر هتي اهو ڪرڻ بدران ويتر تعليم جو ٻيڙو ٻوڙي رهيا آهن. اهي ئي سبب آهن جنهن ڪري ٻهراڙي جي تعليم تباهه آهي. ان ڏس ۾تعليمي سُڌاري لاءِ ڪجهه صلاحون آهن. اُستان جي کوٽ کي پورو ڪيو وڃي. اسڪولي عمارتن کي بهتر ۽ محفوظ بڻايو وڃي. استادن کي تعليم جي بهتري لاءِ ٽريننگ ڪرايون وڃن. ڪتابن جي موجودگي يقيني بڻائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.