ڀٽائي جو ڪلام سمجھائڻ خاطر نوجوانن لاءِ پروجيڪٽ شروع ڪرڻ گهرجن

سدا حيات جلباڻي

وزيراعظم عمران خان فرمايو آهي ته نوجوانن کي علامه اقبال جي شاعري پڙهڻ کپي. اها ڏاڍي مناسب صلاح آهي. وزيراعظم صاحب کي وسعت نظر جو مظاهرو ڪرڻ گھرجي. علامه اقبال سان گڏ وطن ۾ٻيا وڏا شاعر به آهن. نوجوانن کي انهن جو ڪلام پڙهڻ لاءِ رغبت پيدا ڪجي ۽ گھربل سهولتون ڏنيون وڃن. شاهـه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري پڙهڻ سان نوجوانن جا سينا سچي علم جي نور سان منور ڪري سگھجن ٿا.

شاهـه عبداللطيف ڀٽائي جو ڪلام رسالي ۾سمايل آهي. رسالو سنڌڙي جو جيئرو جاڳندو چُرندو پُرندو چتر مالا (پينوراما) آهي. درياهـه، نديءَ جي هيءَ ڪنڌي، هوءَ ڪنڌي، وڏا ننڍا سمنڊ، وهندڙ واهڙ، سڪل ڍورا، ڏڪار جا ڏينهن، سڪار جا ڏهاڙا، چنگ چڙا، ڪاڪ، لڊاڻو، بادشاهن جا محل ماڙيون، ماروئڙن جا چونرا، پکڙا، جھڙڦڙ، اتر جون اوتون، وڏڦڙن جا وسڪارا، ننڍيون ٻيڙيون، وڏا ٻيڙا، جُنگ جهاز ڇا چئِي، ڇا چئجي جو ڪجھه سنڌ وطن ۾آهي، جو ڪجھه جهان ۾اهي، سڀ جو احوال سائين جي رسالي ۾ ملندو:

جيئن سو هرڻ هماءُ، سرگردان سنسار ۾،

هي پڳ نه کوڙي پٽئين، هو ڌڙ سر ڌري نه ساءُ،

جيڪس تن ملاءُ، سسئي سور پرائيا.

نوجوانن لاءِ انيڪ سوچ ويچار جون ڳالهيون آهن. مٿئين بيت ۾هڪ جانور ۽ هڪ (تصوراتي) سڳوري پکيءَ جي ڳالهـه ٿيل آهي. اهي ٻئي ”ساهـه وارا“ سنڌ کان ٻاهر جا آهن. ڄاڻو ماڻهو ٻڌائين ٿا ته رسالي ۾بيان ڪيل هرڻ جي دُن مان هڪ خاص قسم جي کٿوري نڪرندي رهندي آهي، جنهن تي مست ٿي هرڻ چئوطرف ڊوڙندو ۽ رلندو وتندو آهي. ان هرڻ کي کٿوري وارو هرڻ (مسڪ ڊيئر) چوندا آهن. اهو الپائين ۽ ديو دار وڻن جي گھاٽن ٻيلن ۾رهندو آهي. اهي هرڻ ٽپ ڏئي ڪُڏ ڏيڻ جي طريقي جي ڪري سُڃاپجندا آهن. اهي ائين ئي ڪُڏ ڏيندا آهن، جيئن آسٽريليا وارو ڪينگرو ڪُڏ ڏيندو آهي.هرڻ  جو اصلوڪو وطن سائبيريا آهي. اٽڪل هڪ درجن کن اهڙا ملڪ آهي، جتي اهو هرڻ گھڻو ملندو آهي. چين، منگوليا، اتر ۽ ڏکڻ ڪوريا، روس، قزاقستان، ڪرغستان، ويٽنام ۽ هماليا جبلن جي اولاهين پاسي افعانستان، اسان وارو ملڪ، ڀارت، نيپال ۽ برما وغيره. منجھين کٿوري هئڻ ڪري انهن جو غير قانوني واپار هلندو رهندو آهي. اهو جانور فطرتن ڊڄڻو هئڻ ڪري، انهن (هرڻن) جو پڪو ۽ درست انگ ملي نه سگھيو آهي. ڪاٿو لڳايو ويو آهي ته مسڪ هرڻ دنيا ۾چئن کان اٺن لکن جي وچ ۾هوندا. مسڪ هرڻن جو  وڏي ۾وڏو انگ چين (هڪ لک جانور)، روس (ستر هزار جانور) ۽ منگوليا (ڏيڍ لک جانور) ۾ٻڌايو وڃي ٿو.

غربت گھٽائڻ لاءِ چين جي اتر اولهـه جي پري پري وارن جبلن ۾انهن هرڻن جي نسلي افزائش (بريڊنگ) جو پروگرام شروع ڪيو ويو آهي. غربت سبب ڏتڙيل ڪائونٽيز ۾هرڻ پالڻ قانوني طرح جائز قرار ڏنل آهي. ٻه هزار سترنهن ۾ويهـه هزار ۾چاليهـه هزار هرڻ جي پاليا پئي ويا. ماهرن جو چوڻ آهي ته هي ڪم ڏاڍو فائدو ڏيڻ وارو آهي تنهن ڪري مسڪ کي سافٽ گولڊ ”نرم سون“ سڏبو آهي.

سنڌ ۾گورک هل ۾گهڻو ڪري ٿڌ هوندي آهي، اها موسم اهڙن هرڻن لاءِ مناسب آهي، چين اسان جو پراڻو دوست آهي، جنهن سان اسان جي دوستي هماليا جبلن کان اُوچي ۽ پئسفڪ سمنڊ کان اونهي آهي. اهڙن ناتن جي آڌار چين کان مسڪ پيدا ڪندڙ هڪ هزار کن هرڻ سوکڙي طور وٺي سگھجن ٿا. اسان وٽ گورک هل تي نوجوان جي نگرانن ۾اهڙا هرڻ پالي وڏو ڪرڻ جو ڪم علائقي ۾خوشحالي ۽ آسودگي آڻي سگھي ٿو. هلندي هلندي هرڻ جو ڌڻ وڌندو ويندو ته ساليانو سئو کان  ڏيڍ سئو ڪلو گرام مسڪ حاصل ڪري سگھجي ٿو. هن پروجيڪٽ عرب دنيا ۽ يورپ جي خوشبوءِ جي ڪم کان مشهور ملڪ اٽلي ۽ فرانس جهڙا مالدار سيڙپڪار جوائنٽ وينچر پارٽنر طور شامل ڪري سگھجن ٿا. هرڻ گورک جبلن تي ڪُڏ ڏيندا رهندا ته وڏي رونق لڳي ويندي. پري پري کان ڏيهي ۽ پرڏيهي سياح گھمڻ ايندا. ايئن هرڻن جا ٺينگ ٽپا به ڏسندا ۽ گورک جبل جي موسم جو لطف به وٺندا. پروجيڪٽ جو نالو ”سسئي مسڪ ڊيئر فارم“ رکي سگھجي ٿو. سنڌ سميت سڄي ملڪ  وارا  ڀٽائي سائينءَ  جي سٽ ”جيئن سو هرڻ هماءُ، سرگردان سنسار ۾“ جي معنيٰ سمجھڻ لڳندا.

ڀٽ ڌڻي جي زماني ۾سنچار رابطن جا ذريعا محدود هئا. سوچڻ جو ماڳ آهي ته سرڪار کي اهڙين ڳالهين تائين رسائي ڪهڙي ريت ٿي. پاڻ ڪيئن نه ان ڄاڻ کي ٽن سٽن واري هڪ بيت ۾بيان ڪرڻ فرمايو اٿائون. شاهـه سائين جو رسالو علمي خزانن سان مالا مال آهي. تحقيق ڪري ٻيون اهڙيون شيون به ڳولي لهجن، جن جي طرف شاهـه صاحب پنهنجي ڪلام ۾اشارا ڪيا آهن. ڀٽائي جو رسالو اهڙين شين جيئرو جاڳندو مثال ثابت ٿي پوندو. ڏٺل شين جو ذڪر ته هر ڪوئي ڪري سگھندو آهي. مٿين شعر ۾آيل نيارين شين جو بيان صرف سنڌڙيءَ جو شاعر شاهـه عبدالطيف ڀٽائي جي وس جي ڳالهـه آهي.

هماءَ پکيءَ بابت جيڪي تصوراتي تصويرون مختلف ذريعن وٽان مليون سگھيون آهن، انهن مان پڌرو ٿئي ٿو تـه هماءَ ۽ ٿر جي سهڻي پکي مور جي اڏامڻ جو انداز شاهاڻو آهي. مور وانگر هماءَ جو پڇ به ڊگھو ڏيکاريو ويو آهي. اڏامڻ مهل اهي پکي مانائتا، شانائتا ۽ جاهـه جلال وارو  لڳندا آهن. ٻنهي جو ذڪر لطيف سائينءَ مان ۽ شان سان ڪيو آهي. ڪنهن شيءَ جي اصل اهميت جو اندازو تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن ان جو ملڻ محال ٿي وڃي. جڏهن ڏاهپ جو ڏڪار پئجي ويندو آهي ته سرڪار جو هي بيت دهرائبو آهي: ”ويا مور مري، هنج نه رهيو هيڪڙو“. نوجوانن جي رهنمائي خاطر رسالي ۾آيل اهڙين سمورين سهڻين ڳالهين لاءِ الڳ ڪتاب لکي سگھجن ٿا.

دنيا جي هر وڏي شاعر جيان شاهـه عبداللطيف ڀٽائي ڌرتيءَ سان واڳيل شاعر آهي. ڀٽائي صاحب پنهنجي وطن جي ماڻهن سان جٽادار جوڙ رکي ٿو. پاڻ شهري (سويلين) برتري ۽ بالادستيءَ ۾ويساهـه رکندڙ پڪو جمهوريت نواز شاعر هو.

پنهنجي ڪلام ۾ڪمزور طبقي جي ماڻهن سانگيئڙن، جھانگيئڙن، سنگھارن، پنهوارن، ڌنارن، اوٺارن، لوهارن، مهاڻن، واڍن، هارين، نارين، ڪمين، ڪاسبين، ڪاپائتين، ٻيڙيائتن ۽ پورهيت عوام جو پيار ڀرئي انداز ۾ذڪر ڪري ٿو. دنيا جي هڪ عظيم تهذيب جو وارث هئڻ ناتي مرشد ڀٽ ڌڻي عورتن لاءِ ڀرپور عزت ۽ احترام جو اظهار ڪري ٿو. شاهـه جو رسالو ۾اڪثر سُرن جي نالن اهو پڻ عورتن جي نالن سان شروع ٿئي ٿو. سُر سهڻي، سُر سسئي، سُر سورٺ، سُر مارئي، سُر مومل راڻو، سُر ليلان چنيسر. جڏهن ته  انگريز  شاعر شيڪسپيئر جي صرف  ٽن ڊرامن، روميو اينڊ جيولٽ، اينٽوني اينڊ ڪيلوپيٽرا ۽ ٽرئائلس اينڊ ڪريسيڊيا ۾عورتن جا نالا اچن ٿا. سي به مردن جي نالن کانپوءِ، هي حقيقت لطيف کي عالمي ادب ۾نيارو شاعر بڻائي ٿي. اسان جو شاهه ”ليڊيز فرسٽ“ واري آفاقي اصول جو باني آهي. جمهوري قدرن جي پوئيواري طور هو رسالي ۾بادشاهن ۽ شهزادن کي ڪمزور ڌرين آڏو سر نِوائيندي، پورهيتن واري ڪرت ڪندي ڏيکاري ٿو. ڪيچ جي آرياڻي حاڪم جو پٽ ڌوٻين سان گڏجي ڪپڙا ٿو ڌوئي.

گڏيو ڌوٻين ڌوءِ، پنهونءَ پارڇو هٿ ۾.

سر ڪاموڏ ته ڄڻ جمهوري نظام جو اعلان آهي. ڄام تماچي طاقتور حڪمران آهي، نوري گھٽ ذات واري مهاڻي آهي. هن جون مائٽياڻيون مهاڻيون سڀ ڪارڙيون ۽ ڪوجھڙيون آهن، جن جي تن بدن مان مڇيءَ جي ککي بانس ٿي اچي.

ککي هاڻيون کاريون، ڇڇي هاڻا ڇڄ،

پاند جنين جي  پاند سين لڳو ٿئي لڄ،

سمو ڄام سهڄ، اڀو ان سين ڪري.

شاهـي خاندان جون سميون عورتون سهسين هار سينگار ڪري کيس ريجھائڻ اچن ٿيون ته هو انهن جي طرف ڪو ڌيان ئي ٿو ڏئي. پر ڄار کڻي مڇي مارڻ وارن سان گڏجي ٿو بيهي:

سميون ڪري سينگار، راءُ ريجھائڻ آئيون،

ڄام هٿ ۾ ڄار، ڄلي ڄٻيرن وچ ۾.

ڪينجھر جو ڄام اهڙن مهاڻن وٽ هلي وڃي ڪچهريون ڪري ٿو، جن جا ڪپڙا به گندا آهن.

گند جن جي گوڏ ۾، پاٻوڙا پوشاڪ،

انين جي اوطاق راجا ريجھي آيو.

جڏهن نيڻن جي ناز ڀري نهار سان مهاڻي راءُ ريجھائي وجھي ٿي ته تماچي کي ساري ڪينجھر ۾ڪا به عورت نوري نماڻي مهاڻيءَ جو مٽ ثاني نه ٿي لڳي. پوءِ بظاهر جو ناممڪن آهي سا ممڪن ٿي وڃي ٿو. ڄام تماچي نوري جي ذاتي چاڪري ڪندي، ڪينجھر ڄائيءَ مٿان پاڻ مورڇل سان هوا ڏئي ٿو.

تهڙو ڪينجھر ۾ڪين ٻيو، جهڙي سونهن سندياس،

مورڇل مٿانس، اُڀو تماچي تي هڻي.

دنيا جي ادب ۾ڪوبه ۾ اهڙو منظر ڏيکاريل نه آهي، جنهن ۾ملڪ جو بادشاهـه پنهنجي رعيت وارين عورتن جي ذاتي خدمت سرانجام ڏيندو هجي. سُر ڪاموڏ جي مٿين سٽ ڀٽائيءَ جي جمهوريت پسنديءَ جي جلون جو بي مثال اظهار آهي. سُر مارئي ۾هيڻي هٿين خالي ٿرياڻي ڏاڍي کي ٿڪائي ڏڪائي ٿي وجھي. عمر مارئيءَ کي کوهـه تان تـه کڻائي وڃي ٿو، پر سندس لاجواب عزم ۽ انڪار آڏو بيوس بڻجي وڃي ٿو. مسڪين مارن جي نٻل نياڻي ڏاڍي کان ڏاڍي ثابت ٿئي ٿي.

ڏاڍي آ ڏاڍي کان، هر ڏاڍي کان،

ڏُکيءَ کي ڏڍ ڏنو سانگيءَ جي سارُن.

(هلندڙ)

بادشاهـه عمر مارئيءَ کي طرح طرح جا طعام، قسمين قسمين ڪپڙا، اڪيچار آشائشون آڇي ٿو، پر هوءَ انهن شين ڏانهن نهاري به نـ ٿي. ائين انڪار جي بي پناهـه طاقت سان هڪ بيوس نينگري بااختيار بادشاهـه کي بي اختيار بڻائي ڇڏي ٿي. اها جمهوري قوت جي بي مثال فتح آهي. لطيف جنهن جو اظهار شاندار طريقي سان ڪري ٿو. کٿيري مارئي ملڪ جي مٿير بادشاهـه عمر پاران آندل قيمتي پوشاڪون ۽  پٽولا رد ڪندي، غريب ڏاڏاڻن جي کٿي کي ترجيح ڏيندي چوي ٿي.

پٽولا پنوهاريون مور نـه مٿي ڪن،

جـه لاک رتائون لوئيون، تـه شالئان سونهن،

ان ايلاچئون اڳري، بخمل بافتن،

سکر ڀانئيان سومرا! کٿي کان کهنبن،

جا ڏنيم ڏاڏاڻن، سا لاهيندي لڄ مران.

۽

سون برابر سڳڙا، ماروءَ سندا مون،

پٽولا پنهوار کي عمر آڇ م تون،

ور لوئيءَ جي لون، ڏاڏاڻن ڏنام جي.

هوءَ عمر جي دڙڪن دهمانن ۽ ايلازن مِنٿن باوجود ساڻس سڱ ڪرڻ نـه ٿي چاهي. بادشاهـه کان پنهنجو ميرو سيرو کٿيرو مائٽ بهتر سمجھي ٿي.

ڪانڌ نـه ڪنديس ڪو ٻيو، کٿيرو ئي خوب،

ميرو ئي محبوب، اسان مارو من ۾.

سر سارنگ ۾شاهه عبداللطيف ڀٽائي غريب سانگين، جھانگين، ڌنارن، سنگھارن جي خوشين ۽ غمن ۾پاڻ کي پوري طرح شامل ڪري ڇڏي ٿو. سارا ساههـ وارا جِيو ماڻهو، مرگھه، مينهون، آڙيون، تاڙا وغيره سارنگ جي سار ۾آهن، ڇاڪاڻ تـه مينهن ساري عالم ۾خوشحالي جا سبب کڻي ايندو آهي. هڪ جمهوريت نواز انسان وانگر شاهـه صاحب عالم جي خوشيءَ تي خوشيءَ جو اظهار ڪري ٿو:

مند ٿي منڊل منڊيا، تاڙي ڪئي تنوار،

هارين هر سنباهيا، سرها ٿيا سنگھار،

اڄ منهنجي يار، وسڻ جا ويس ڪيا.

هن سُر ۾لطيف وري وري چئي ٿو: سنگھارن سک ٿئي، سنگھارن سک ٿئي. اهڙي ڳالهـه ماڻهن سان سچو پيار ڪندڙ ڪوئي پڪو جمهوري ئي ڪري سگھي ٿو.  لطيف سستو مال ميڙي، مهانگو ڪري وڪڻڻ وارن موذين کي نندي ٿو ۽ ڳنوارن کي خوش ڏسندي خوشيءَ جو اظهار ڪري ٿو.

ڏڪاريا ڏيهـه مان، موذي شال مرن،

وري وڏي وس جون ڪيون ڳالهيون ڳنوارن.

لطيف وڏي اڪير سان  پورهيت ۽ محنت ڪش طبقي جي ڪِرت کي ساراهي ٿو.

وسڻ جا ويس ڪيا، اڄ منهنجي يار،

لار لائيندي وڇڙا ڀنڙس ڀنڀا وار.

سنڌ جو سدا حيات شاعر نڌر، ناتوان ۽ اڪيلڙين عورتن کي به نـه ٿوساري. هو سندن دل  جو آواز بڻجي انهن جا ڏکڙا بيان ڪري ٿو:

ڪانڌ! تنهنجي پاند ري، سيءَ مران سڀ رات،

ڪامل! ڪپاهن ۾جھپ نـه اچي جھات،

اچين جي پرڀات، تـه سيءَ نـه ساريان.

جيئن مٿين ڳالهين مان ظاهر ٿئي ٿو شاهـه عبدالللطيف ڀٽائي اعليٰ پائي جو جمهوري ذهن رکندڙ شاعر هو. اهي ڳالهيون اسان جا نوجوان ٻين قومن کي فخر سان ٻڌائي سگھن ٿا. وزيراعظم عمران خان جي هدايت موجب سنڌ جي نوجوانن لاءِ  شاهـه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري پڙهڻ ۽ پرکڻ جو پروجيڪٽ ڪراچي يونيورسٽي ڪراچي، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو، شاهـه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور، پروفيسر ڊاڪٽر نثار احمد صديقي آءِ بي اي  يونيورسٽي سکر ۽ شيخ اياز يونيورسٽي شڪارپور وغيره ۾شروع ڪرائڻ گھرجي. سنڌ ۾لطيفي عشق سان سرشار ٽيمون ٺاهي سگھجن ٿيون. مٿي ڄاڻايل سمورين يونيورسٽين جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جا پروفيسر، گذريل ٽن سال دوران پوزيشنون ماڻيندڙ شاگرد ٽيمن جو حصو بڻجي ”انڊرسٽينڊنگ دا پوئٽري آف شاهـه عبداللطيف ڀٽائي“ پروجيڪٽ جي ابتدا ڪري سگھن ٿا. وطن واسين کي ڄاڻڻ گھرجي ڀٽائي صاحب جي معيار جا شاعر دنيا ۾ بي مقصد پيدا ته ٿيندا آهن.  مرشد سائين پاڻ ئي فرمائين ٿا:

ريءَ مصلحت مڱڻا قصر ڪين اچن.

وزيراعظم جو خواب ساڀيان ڪرڻ خاطر انهيءَ پروجيڪٽ لاءِ فنڊز وفاقي حڪومت کي ئي مهيا ڪرڻا پوندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.