اسيمبلي ميمبر رياستي اسپانسر شپ ذريعي ڪرپشن ٿاڪن: شبر زيدي

اسلام آباد (م ڊ ) فيڊرل بيورو آف روينيو جي اڳوڻي  چيئرمين شبر زيدي چيو آهي ته ارب پتي اسيمبلي ميمبر  رياستي اسپانسر شپ ذريعي ڪرپشن ڪن ٿا، هن خاموشي ٽوڙيندي پنهنجي کليي خط ۾ پنهنجي ناڪامين جا سبب  ٻڌايا آهن، هن چيو ته اسيمبلي ميمبر اهڙي ٽيڪس پلاننگ ڪن ٿا جيڪا هو نٿو سمجهي سگهي،  هن وڌيڪ چيو آهي ته قومي اسيمبلي جا ميمبر هن کان گهٽ ٽيڪس ادا ڪن ٿا. هن چيو ته منهنجي اڪنامڪس ٻين معزز شخصيتن جي مقابلي ۾ ناڪام رهي، بطور ايف بي آر چيئرمين پنهنجون ذميواريون نڀائڻ ۾ ناڪام رهيس، شبر زيدي چيو ته پاڪستان ۾ سموري ڪرپشن ذاتي طور تي ڪئي وڃي ٿي، اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان جو ٽيلنٽ پرڏيهه وڃي رهيو آهي، هن چيو ته ملڪ هاڻوڪين حالتن ۾ ڪڏهن به بهتر نٿو ٿي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.