ماهيگيري ڏهاڙو ٻيٽن تي قبضي خلاف ملهايو ويندو: محمد علي شاهه

ڪراچي ( رپورٽر) پاڪستان فشرفوڪ فورم ماهيگيري جي عالمي ڏهاڙي 21 نومبر کي “سمورن سامونڊي ٻيٽن تي ماهيگيرن جي / خودمختياري“ جي موضوع هيٺ منعقد ڪرڻ ۽ هڪ هفتي 16 کان 21 نومبر تائين سڄي صوبي ۾ تقريبون ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي،فشرفوڪ فورم جي چيئرمين محمد علي شاهه هڪ بيان ۾ چيو ته ماهيگير برادرين پاران سڄي دنيا ۾ هر سال 21 نومبر تي ماهيگيري جو عالمي ڏهاڙو ملهايو وڃي ٿو. هن چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جا اٽڪل 30 لک ماهيگير سمنڊ، خاص طور تي ڪريڪس، مان مڇي مارڻ تي گذر سفر ڪن ٿا، جڏهن ته وفاقي حڪومت سامونڊي ٻيٽن کي قبضي ۾ وٺي انهن تي شهر تعمير ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن سان ماهيگيرن جا گس بند ٿي ويندا ۽ اهي پنهنجي روزگار کان محروم ٿي ويندا. هن چيو جيئن ته اهي ٻيٽ مڇي ۽ جهينگن جون نرسريون آهن، ان لاءِ پاڪستان فشرفوڪ فورم فيصلو ڪيو آهي ته هن ماهيگيري جي عالمي ڏهاڙي کي ٻيٽن تي اڏاوتن خلاف ملهايو ويندو. رڳو سنڌ جي ساحلي پٽي تي اٽڪل 300 ننڍا وڏا ٻيٽ موجود آهن ۽ وفاقي حڪومت انهن سمورن ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿي. ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ سميت ٻيا ٻيٽ هزارين ايڪڙن تي موجود تمر جي ٻيلن جو گهر آهن، هن چيو ته 21 نومبر تي ڪراچيءَ ۾ ريگل چوڪ کان پريس ڪلب تائين مرڪزي ريلي ڪڍي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.