ريفرنس ڪراچي منتقل ڪيو، آصف زرداري جي نئين درخواست

اسلام آباد ( م ڊ ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري التويٰ  هيٺ ريفرنس سپريم ڪورٽ منتقل ڪرڻ لاءِ نئين درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. رجسٽرار آفيس پاران درخواستن تي اعتراض لڳائي واپس ڪرڻ تي آصف زرداري نئين درخواست داخل ڪرائي. اڳوڻي صدر درخواست ۾ استدعا ڪئي آهي ته رجسٽرار آفيس جو 10 نومبر وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وڃي. آصف زرداري درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته رجسٽرار آفيس جو فيصلو آئين، قانون ۽ سپريم ڪورٽ جي اصولن جي خلاف آهي، درخواستگذار جو حق آهي ته اهو سپريم ڪورٽ جو در کڙڪائي، رجسٽرار آفيس جو فيصلو برقرار نٿو رکي سگهجي، درخواستگذار خلاف جاچ مڪمل ٿي چڪي آهي ۽ ريفرنس به داخل ٿي چڪو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.