ٽماٽي، اٽي سميت 11 شين جي اگهن ۾ گهٽتائي

اسلام آباد (م ڊ) ملڪ ۾ هلندڙ مهيني جي ٻئي  به مهانگائي ۾ گهٽتائي ڏٺي وئي.ڳڻپ واري اداري مهانگائي تي هفتيوار رپورٽ جاري ڪئي آهي، جنهن موجب هڪ هفتي دوران ٽماٽي، اٽي ۽ ٿوم سميت 11 شين جي اگهن ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي.رپورٽ موجب هڪ هفتي دوران 16 شين جي اگهن ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته 22 شين جي اگهن ۾ استحڪام رهيو.ڳڻپ واري اداري جي هفتيوار رپورٽ موجب مجموعي طور تي هڪ هفتي دوران مهانگائي ۾ 0.07 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هڪ هفتي دوران في ڪلو ٽماٽو 4.06 رپيا، ٿوم 2 رپيا 38 پئسا، بصر 46 پئسا، 20 ڪلو ڪڻڪ جي اٽي جي ٿيلهي 4 رپيا 69 پئسا، جڏهن ته مڱن جي دال 3 رپيا 31 پئسا سستي ٿي.انگن اکرن موجب هڪ هفتي دوران پٽاٽي جي قيمت ۾ 56 پئسا، ڪڪڙ جي گوشت ۾ 22 رپيا 47 پئسا، بيضن جي في درجن ۾ 41 پئسا، جڏهن ته في ڪلو کنڊ جي اگهه ۾ 57 پئسا واڌ ٿي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.