ڪراچي سرڪلر ريلوي بحال نه ٿي، افتتاحي تاريخ ملتوي

ڪراچي (م ڊ )  ڪراچي ۾ سرڪلر ريلوي جا انتظام اڃا تائين مڪمل نه ٿي سگهي، جنهن بعد پاڪستان ريلويز  سرڪلر ريلوي جي افتتاح  جي تاريخ تبديل ڪري ڇڏي، هاڻي 16 نومبر بدران 19 نومبر تي ٿيندو. پاڪستان ريلوي جي ذريعن موجب پپري کان اورنگي ٽائون تائين 14 ڪلو ميٽرڪ جو ٽريڪ مڪمل طور ڪليئر ناهي ٿي سگهيو، جڏهن ته اسٽيشن جي هيل تائين بنيادي سهولتن کان محروم ۽ کنڊر بڻيل آهن. ذريعن موجب ٽڪيٽ به ٽرين جي اندر ٽڪيٽ چيڪر کان ملندي، ان کان علاوه ٽريڪ جي رستن ۾ ڦاٽڪ به نٿا لڳايا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.