اڄ سنڌي قوم ڪراچي ۾ قومي ٻڌي جو ثبوت ڏيندي: نواز زنئور

ڪراچي(پ ر) جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چئرمين نواز خان زنئورچيو آھي ته اڄ  سنڌي قوم ڪراچي ۾ گڏ ٿي قومي ٻڌي جو ثبوت  ڏيندي سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي پليٽ فارم تي  سنڌ جا قومپرست گڏ آھن سنڌي قوم سڏ ۾ سڏ ڏئي گڏ ٿئي، سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ برداشت نه ڪنداسين .

سراج الحق جي امڙ لاڏاڻو ڪري وئي

پشاور ( م ڊ )  جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق جي والده لاڏاڻو ڪري وئي، جماعت اسلامي جي ترجمان موجب سراج الحق جي  امڙ دير جي علائقي  ثمر باغ ۾ لاڏاڻو ڪري وئي. هن ڄاڻايو آهي ته  هوءَ دل جي بيماري ۾ مبتلا هئي،

ڄام مدد علي سياست جي سکيا ڄام صادق کان ورتي، 8 ڀيرا چونڊ وڙهيو

ڪنڊياري(رپورٽ: عرس ڪنڀر) ڄام مدد علي پنهنجي سياست جي شروعات 1988ع کان ڪئي پهرين بلدياتي اليڪشن ۾  يوسي نئون آباد جي چيئرمين جي چونڊ لاءِ اليڪشن ۾ بيٺو، جنهن ۾ چيئرمين منتخب ٿيو، ڄام مدد علي فڪشنل مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تان 6 ڀيرا اليڪشن وڙهيو، جنهن ۾ 5 اليڪشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، هڪ ۾ کيس شڪست ٿي. ڄام مدد علي پ پ جي ٽڪيٽ تان 2 ڀيرا چونڊ وڙهيو ٻنهي ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، ڄام مدد علي پنهنجي حياتي ۾ ڪل 8 اليڪشن وڙهيو، ڄام مدد علي هڪ ڀيرو پ پ جي ٽڪيٽ تان مشرف واري دور ۾ ضلعي ناظمي لاءِ چونڊ وڙهيو، جنهن ۾ کيس شڪست ٿي، ڄام مدد علي نواب ڄام انور علي خان جي گهر ۾ 1962ع ۾ اباڻي ڳوٺ ڄام ڳوٺ ۾ اک کولي ابتائي پرائمري تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ   مان حاصل ڪئي، خانداني ماڻهن موجب ڄام مدد علي ڇهين کان 8 ڪلاس جي تعليم  لنڊن ۾ پڙهيو سندس والد نواب ڄام انور علي خان جي طبعيت ناساز هجڻ سبب تعليم اڌ ۾ ڇڏي واپس پنهنجي وطن آيو، ميٽرڪ نيو علي ڳڙهه ڪاليج ٽنڊوآدم مان حاصل ڪئي، انٽر ڪراچي ۾ ڪئي، گريجوئيشن سنڌ يونيورسٽي مان ڪئي، ڄام مدد علي هن وقت پيلپز پارٽي ۾ صوبائي تڪ پي ايس 43تان ايم پي اي هو، ڄام مدد علي خان پنهنجي حياتي ۾ سنڌ اسمبيلي ۾ اپوزيشن ليڊر هڪ دفعو پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جو چيرمين هڪ دفعو صوبائي وزير سائنس ۽ ٽيڪنالجي ۽ نوجوانن جو وزير رهيو هن وقت فناس ڪاميٽي جو چيئرمين هو ڄام مدد علي سياست جي سکيا اڳوڻي سنڌ جي وڏي وزير ڄام صادق علي خان ورتي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.