بختاور ڀٽوجي مڱڻي طئي، 27 نومبر تي ڪراچي ۾ تقريب ٿيندي

ڪراچي ( رپورٽ+ م ڊ ) اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽  اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي نياڻي بختاور ڀٽو جَي مڱڻي  جي تاريخ طئه ٿي وئي، 27 نومبر تي بلاول هائوس ڪراچي ۾ مڱڻي جي تقريب رٿي وئي آهي، تقريب ۾ شرڪت لاءِ اُماڻيل هدايت نامي ۾ مهمانن کي ڪورونا کان بچاءُ جا اپاءَ وٺڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، دعوتنامي ۾ هدايت ڪئي وئي آهي ته مهمان تقريب ۾ شرڪت کان اڳ اي ميل ذريعي ڪورونا رپورٽ اُماڻين، تقريب ۾ موبائيل فون ذريعي تصويرون ڪڍڻ يا وڊيو رڪارڊ ڪرڻ جي اجازت نه هوندي، انتظاميا پاڻ مهمانن سان تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪندي. بختاورڀٽو جي مڱڻي آمريڪي بزنس مين محمود چوڌري سان ٿيندي، جيڪو هن وقت آمريڪا ۾ رهي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.