ڪي پي ڪي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر ۽ گهر ڀاتي ڪورونا ۾مبتلا

پشاور ( م ڊ ) خيبر پختونخواهه اسيمبلي جو ڊپٽي  اسپيڪر محمود جان ۽ سندس گهر وارا ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، محمود جان ٻڌايو ته  سندس زال، پٽ ۽ خود هن جي پنهنجي ٽيسٽ به پازيٽو آئي آهي،  هن ٻڌايو ته ڪورونا جي تصديق ٿيڻ بعد هو آئسوليٽ ٿي ويا آهن.

ڪراچي ۾20 نومبر کان شادي هال بند نه ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي ( م ڊ ) ڪراچي جي شادي هال اونر  ايسوسيئيشن 20 نومبر تي هال بند نه ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. شادي هال اوونر ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته پنهنجو فيصلو واپس نه وٺنداسين، ڇهن مهينن تائين شادي هال بند رهيا، لکين ماڻهن جو روزگار ڳنڍيل آهي. هن چيو ته لکين رپيا ايڊوانس وصول ڪري چڪا آهيون، سمورين ايس او پيز کي فالو ڪري رهيا آهيون، وڌيڪ به ڪنداسين پر هال بند نه ٿيندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.