ڪورونا جي صورتحال سنگين، صحافي ارشد وحيد چوڌري سميت 18 مريض فوت

اسلام آباد ( م ڊ ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس تي ڪنٽرول نه ٿيو،  سينيئر صحافي ارشد وحيد چوڌري سميت 17 ڄڻا ڪورونا جو شڪار ٿي ويا،جڏهن ته   فوتين جو  انگ 7 هزار 109 ٿي ويو.نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق  24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ 2هزار 165نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن،جنهن بعد متاثرن جو انگ وڌي  انگ 3 لک 54 هزار 461 ٿي ويو.سنڌ ۾ مريضن جو تعداد  هڪ لک 53 هزار  873، پنجاب ۾ هڪ لک 9 هزار 309، ڪي پي ۾ 41 هزار  723، اسلام آباد ۾ 23 هزار  533، بلوچستان ۾ 16 هزار 328، آزاد ڪشمير ۾ 5 هزار 261 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 434 ٿي ويو..اين سي او سي مطابق هيل تائين 3 لک 22 هزار 414 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن، جڏهن ته فعال ڪيسن جو انگ وڌي 24 هزار 938 ٿي ويو. هوڏانهن گذريل ڪيترن ڏينهن کان ڪورونا وائرس ۾ مبتلا سينيئر صحافي ۽ جيو نيوز جو رپورٽر ارشد وحيد چوڌري اسلام آباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ارشد وحيد چوڌري ڪيترن ڏينهن کان وينٽي ليٽر تي هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.