ڀارتي دهشتگردي خلاف عالمي برادري ڪردار ادا ڪري: عمران خان

اسلام آباد ( م ڊ ) وزر اعظم عمران خان چيو آهي ته  پاڪستان اندر دهشتگردي ۾ ڀارت سڌو سنئون ملوث آهي، جنهن جا ثبوت دنيا  کي ڏنا آهن، ڀارتي رياست جي ملوث هئڻ جا ثبوت هوندي دنيا لاتعلق يا خاموش نه ٿي رهي سگهي. اميد آهي ته عالي برادري ڀارتي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪردار ادا ڪندي ۽ پاڪستانين جي قتل جي ذميوار ڀارت کي انصاف جي ڪٽهري ۾ اچڻ تي مجبور ڪندي، وزير اعظم چيو ته ڪو به شڪ نه هئڻ گهرجي اسان پنهنجي ملڪ جودفاع ڪرڻ ڄاڻون ٿا،  اسان پنهنجي پوري قومي عزم سان وطن جو دفاع ڪندا رهندا سين،  اسان جون بهادر ايجنسيون عوام جي حفاظت لاءِ تعاون ڪنديون رهنديون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.