ٻيٽ بچائڻ لاءِ سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران اڄ ڪراچي ۾ احتجاج رٿيل

گلشن اقبال(رپورٽ: شفقت نوناري)سنڌ ايڪشن ڪميٽي طرفان ٻيٽن تي وفاق جي قبضي خلاف اڄ آچر تي ڪراچي ۾ احتجاج ڪيو پيو  وڃي جيڪو منجهند هڪ وڳي گورا قبرستان شاهراهه فيصل کان شروع ٿي ريلي جي شڪل ۾ فواره چوڪ گورنر هائوس وٽ جلسي جي صورت اختيار ڪندو.جلسي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ سموري سنڌ مان سنڌ ايڪشن ڪميٽي ۾ شامل پارٽين جا قافلا نڪري چڪا آهن.احتجاجي ريلي ۽ جلسي کي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو سربراهه سيد جلال محمود ،سنڌ ترقي پسند پارٽي جو چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي، عوامي تحريڪ جو صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، جسقم چيئرمين صنعان قريشي ،جي يو آئي سنڌ جو صدر راشد محمود سومرو، جسم سربراهه رياض چانڊيو، عوامي جمهوري پارٽي جو صدر وشنو مل، عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جو صدر ڪامريڊ بخشل ٿلو، نيشنل پارٽي سنڌ جو صدر تاج مري، جسقم آريسر چيئرمن اسلم خيرپوري، جيئي سنڌ قومي پارٽي چيئرمين نواز خان زنئور، عوامي مزاحمت اڳواڻ مسرور شاھ، صوفي حضور بخش، سيد خدا ڏنو شاھ، سهيل ڄاموٽ، گل حسن ڪلمتي ،سيد زين شاه سميت مختلف اڳواڻ خطاب ڪندا،سيد جلال محمود شاهه سموري سنڌ جي عوام کي اپيل ڪئي آهي ته سامونڊي ٻيٽن سميت سنڌ جي سرزمين کي بچائڻ لاءِ سنڌ جي قومپرست ۽ وطن دوست قيادت جو ساٿ ڏين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.