علائقي جي مسئلن لاءِ پنڌ مارچ ڪندڙ بلوچستان جي باهمت ڇوڪري

ڪراچي ( م ڊ ) حب بلوچستان سان واسطو رکندڙ هڪ با همت عورت 350 ڪلو ميٽرل  پنڌ مارچ ڪيو، جيڪو 12 ڏينهن جاري رهيو. ان مارچ ۾ 19 ڄڻا شامل هئا پر اهي سڀ مرد هئا، جيڪي آخري 10 ڪلو ميٽر کانسواءِ مارچ ۾ شريڪ نه رهيا پر ان باوجود عورت مارچ جاري رکيو. هي ڪهاڻي بلوچستان جي علائقي حب سان واسطو رکندڙ عورت پروين مير جي آهي، سندس مارچ جا 15 نقطا هئا، جن ۾ اوستا محمد کي ضلعي جو درجو ڏيارڻ، اتي گرلز ڪاليج ۽يونيورسٽي جو قيام، کيرٿر ڪئنال تي سياست مداخلت جو خاتمو، صحت جي سهولتن،صاف پاڻي جي فراهمي ۽ ان کان علاوه 2013 کان هيل تائين جي مليل سرڪاري فنڊز جي نيب کان جاچ ڪرائڻ هو. پروين مير بڌايو ته اوستا محمد جي آبادي 5 لک آهي، جتي گرلز ڪاليج نه آهي، جنهن سبب اتان جون عورتون رڳو ميٽرڪ تائين پڙهي سگهن ٿيون، ان ڪري يونيورسٽي قائم ڪئي وڃي. هن چيو ته بااثر ماڻهن جي مداخلت سبب کيرٿر ڪئنال کي پاڻي نٿو ملي. هن اميد ظاهر ڪئي ته سندس مسئلا حل ڪيا ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.