ڪنڊياري ويجهو روڊ حادثو، عورت ڌيءُ ۽ پٽ سميت فوت

ڪنڊيارو ( ن ع آ )  ڪنڊياري ويجهو قومي شاهراهه تي ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ عورت ڌيءُ ۽ پٽ سميت فوت ٿي وئي، مڙس ۽ هڪ پٽ زخمي ٿي پيا.قومي شاهراهه تي ڳوٺ دراني گهانگهرو اسٽاپ وٽ تيز رفتار ٽرالر هڱورجا کان ڪنڊيارو ايندڙ موٽرسائيڪل مٿان چڙهي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪنڊيارو ڀرسان ڳوٺ ڄام جي رهواسڻ 53 ورهين جي عورت  نماڻي زال روشن علي جوڳي، سندس 12 ورهين جو پٽ ذيشان ۽ 7 ورهين  جي ڌيءُ مسڪان فوت ٿي ويا، جڏهن ته فوتي عورت جو مڙس روشن علي جوڳي ۽ سندس 3 ورهين جو پٽ عيشان علي زخمي ٿي پيا.حادثي بعد ٽرالر ڊرائيور ٽرالر ڇڏي فرار ٿي ويو، فوتين جا لاش ۽ زخمين کي  ڪنڊيارو سول اسپتال پهچايو ويو، جتان فوتين جا لاش وارث ڳوٺ کڻائي ويا.ڪنڊيارو پوليس ٽرالر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.