ڄام مدد علي آهن ۽ سڏڪن سان مٽيءَ ماءُ حوالي

ڄام نوازعلي/ڪنڊياري(نمائندا) پ پ ايم پي اي ڄام مدد علي خان جي جنازي نماز سوين آهن دانهن. سڏڪن سان  ڄام نوازعلي ۾ ادا ڪئي وئي رپوٽ موجب پ پ جي ايم پي  اي ڄام مدد علي گذريل ڏينهن ڪورونا سبب ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ موت جي جنگ وڙهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو سندس مڙھ رات دير سان ڄام نوازعلي آندو ويو،سندس جنازي نماز عالم دين مولوي مير محمد اڄڻ پڙهائي  سندس جناز نماز  ۾ جي ڊي اي اڳواڻ  ايم پي اي شهريار مهر صوبائي وزير هري رام ڪشوري، صوبائي وزير ناصر شاھ   پ پ ايم اين اي نويد ڏيرو  ايم پي اي شاهد ٿهيم اڳوڻي صلاحڪار  جنيد اصغر جوڻيجو  اڳواڻي ضلع سانگهڙ  چيرمين خادم رند،  صوبائي وزير شبير بجاراڻي ،سردار برهان چانڊيو، سردارعثمان عالماڻي سردار علي خان عالماڻي،  ڄام تماچي انڙ، ايس ايس پي ذوالفقار علي زرداري ،سعيد خان نظاماڻي ،شرجيل انعام ميمڻ  ڊاڪٽر ظفر ڪمالي ،راشد خلجي، ناصر قريشي سميت سوين ماڻهن شرڪت ڪئي ،ٻئي طرف سندس وڏي ڀاءُ ڄام حيدر علي .سندس پٽ ڄام ظهيرعلي، ڄام شبير علي خان، ڄام ذوالفقار علي، ڄام نفيس  علي،  ڄام نور علي ،ڄام نظام سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.