ڪراچي فائنل ۾ پهچي وئي، قلندرز زلمي کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو

ڪراچي ( م ڊ ) پاڪستان سپر ليگ 5 جي پهرين  ڪواليفائر ۾ ڪراچي ڪنگز سخت مقابلي کانپوءِ سپر اوور ۾ ملتان سلطانز کي شڪست ڏئي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي.سپر اوور ۾ ڪراچي ڪنگز جي ٽيم طرفان مليل 14 رنسن جي هدف جي جواب ۾ ملتان سلطانز جي ٽيم رڳو 9 رنسون ٺاهي سگهي، ائين ڪراچي ڪنگز 4 رنسن تان ڪاميابي ماڻي پي ايس ايل 5 جي فائنل ۾ جاءِ ٺاهيندڙ پهرين ٽيم بڻجي وئي، جڏهن ته ملتان سلطانز کي فائنل ۾ جاءِ ٺاهڻ لاءِ هڪ موقعو وڌيڪ ملندو.ملتان سلطانز جي ٽيم ايليمينيٽر ون ۾ لاهور قلندرز ۽ پشاور زلمي وچ ۾ مقابلي جي فاتح ٽيم سان مهاڏو اٽڪائيندي ۽ ان ميچ ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ ٽيم فائنل ۾ ڪراچي سان مقابلو ڪندي.ان کان اڳ ملتان جي ٽيم پهريان کيڏندي مقرر اوورن ۾ 141 رنسون ٺاهيون، جنهن جي جواب ۾ ڪراچي ڪنگز جي ٽيم به 141 رنسون ٺاهيون، جنهن کانپوءِ ميچ جو فيصلو سپر اوور ۾ ٿيو. هوڏانهن ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميڇ ۾ لاهور قلندرسخت مقابلي کانپوءِ پشاور زلمي کي 5 وڪيٽن تان هارائي فائنل لاءِ ڪوليفاءِ ڪري ورتو، لاهور ٽاس کٽي پشاور کي بيٽنگ جي دعوت ڏني، جنهن 9 وڪيٽن جي نقصان تي  170 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ شعيب ملڪ جون39 ، بارڊس ويليون 37 ۽ فاف ڊيوپليسي 31 رنسون شامل آهن، جواب ۾ لاهور جون 3 وڪيٽون پنجين اوورو ۾ 33 رنسن جي اسڪور تي ڪري پيون، جنهن بعد حفيظ پهترين بيٽنگ ڪندي ففٽي ٺاهي ۽ پوءِ ٽيم کي ڪاميابي ڏياري

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.