ٿر ۾ سڀ هڪ ٻئي جي خوشي غم ۾ گڏ هوندا آهيون: ارباب لطف الله

مٺي(ڊ ر) ايم پي اي ارباب لطف الله. جماعت اسلامي جي ضلعي امير عبدالسبحان سميجو. ماما وشن ٿري ۽ ٻين  ڳالهائيندي چيو ته ٿر ۾ مذهبي رواداري صدين جي تسلسل جي ڪڙي آھي جنهن کي برقرار رکڻ لاءُ مٺي جي هر دڪان تي وڃي هندو ڀائرن کي ڏياري جون واڌايون ڏيڻ نڪتا آھيون. هنن چيو ته ٿر اندر هندو مسلم ڀائرن جيان رهن ٿا. ۽ صدين محبتون سڄي دنيا اندر مذهبي رواداري جو مثال بڻيل آھن. ٿر ۾ مسلم هندو عيدون ۽ تهوار گڏجي ملهائي دنيا اندر مثال قائم ڪيو آھي اسان ان تسلسل کي برقرار رکندي هڪٻئي جي خوشين ۾ برابر جا شريڪ آھيون.

پاڪ سر زمين پارٽي ۾ ڏار، رضا هارون  ڌار

لنڊن ( م ڊ ) پاڪ سر زمين پارٽي ۾ ڏار پئجي ويا آهن، سينيئر اڳواڻ  رضا هارون  پارٽي کان ڌار  ٿي لنڊن پهچي ويو آهي،  رپورٽ موجب پارٽي ۾ شديد اختلاف ٿيڻ بعد رضا هارون  پارٽي کي خدا حافظ چئي ڇڏيو آهي. هو ايڊورڊ ۾ پنهنجي خاندان سان گڏ رهي ٿو، پي ايس پي جي سياست ۾ سرگرم نه آهي، ميڊيا رپورٽ موجب پارٽي اندر مشاورت نه ٿيڻ سبب  ٻين به ڪيترن ئي اڳواڻن  خاموشي اختيار ڪري ورتي آهي، جنهن ۾ انيس ايڊووڪيٽ، سينيئر وائس چيئرمين ڊاڪٽر صغير احمد، وسيم آفتاب شامل آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.