رولو ڪتن جو آزار نه گهٽيو ، 20 ڄڻا چڪي زخمي، جهنڊو مري ۾ ڏاڙهيل نينگر دم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي/حيدرآباد ( نمائندن وٽان )  سنڌ جي مختلف شهرن ۾ رولو ڪتن جو آزار ختم نه ٿيو، مختلف علائقن ۾ ڇتن ۽ رولو ڪتن 20 کان وڌيڪ ماڻهن کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو.  جهنڊو مري مان رپورٽر دودو لنڊ  موجب ڪتي ڏاڙهيل هندو نينگر ويڪسين نه ملڻ سبب فوت ٿي ويو. جهنڊومري جي يونين ڪائونسل ٽنڊو سومرو جي ڳوٺ مائو ڪولهي جي رامچندر ڪولهي ٻڌايو ته 2 ڏينهن اڳ اسان جي 12 ساله ورهين ولد پوپٽ کي هڪ رولو ڇتو ڪتو ڏاڙهي وڌو جنهن کي اسان سول اسپتال ٽنڊوالهيار کڻي وياسين جتي ڇتي ڪتي جي ويڪسين نه هجڻ ڪري حيدرآباد موڪليو ويو جتان پڻ غريبن کي انڪار مليو ۽ ٻن ڏينهن جي رلڻ بعد ڪراچي نيئندي رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو.ڏيپلو تعلقي جي ڳوٺ سينگالو ۾ ڇتي ڪتي مسمات سڪينا زال عثمان راھمون ۽ ڳوٺ سومڻهار جي تماچي پٽ پنهون ڀيل کي چڪي وڌو.  ڳوٺ سنگالو جي مسمات سڪينا کي ڇتي ڪتي جي چڪڻ جو ڪيس يوسي ٻولهاڙي جي  سيڪريٽري يوسف حجام تي داخل ڪيو ويو، ڳوٺ سومڻهار جي تماچي پٽ پنهون ڀيل کي ڇتي ڪتي جي چڪڻ ڪري يوسي ڊاڀڙو جو سيڪريٽري شفيع سومرو تي ڪيس داخل ڪيو ويو. نيو سعيد آباد ويجهو يوسي شھمير راھو جي  ڳوٺ امين لاکو ۾ 8 ورھين جي معصوم نينگر راشد ولد بشير احمد حاجاڻو کي گھٽي ۾ راند ڪرڻ دوران ڇتي ڪتي ڌاڙهي وڌو. ڪلوئي ۾ به رولو ڪتن بائي پاس  تي ويٺل الهبچايو لنڊ ۽  ڏھن ورھين جي نينگر رمضان لنڊ کي ڏاڙهي وڌو، جن کي ويڪسين ڪرائي وئي. ٽندباگي شھر جي ڀنگي پاڙي ۾ رولو ڪتي 5سالن جي معصوم نياڻي  ڊيشا ڌيءُ گووند ڀنگي کي زخمي ڪري وڌو، جڏھن ته وارڊ 8  نئون آباد جي رھواسي علي رضا  پٽ عبدالرزاق عمر 15 سال کي ڇتي ڪتي چڪ وجھي زخمي ڪيو آھي کين تعلقا اسپتال ٽنڊوباگو ۾ داخل ڪرايو ويو جتي ويڪسين ڪئي وئي. تعلقي اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر عبدالجبار جمالي جي فرياد تي ٽي ايم او ٽنڊوباگو محمد حسن ملاح تي 2 ايف آءِ آر داخل ڪيون ويون. ڪڍڻ  ٽائون ڪميٽي جي وارڊ نمبر چار ۾ عورت حاجران زال حاجي ڄام  ڌانڌل  کي چڪي زخمي ڪري وڌو. ٽائون ڪاميٽي ڪڍڻ تي مقرر نئين ٽائون آفيسر نعمان ملاح ايم پي اي تاج محمد ملاح جو نياڻو ھجڻ سبب ڪيس داخل نه ٿي سگهيو. واهي پانڌي ويجهو هڪ ڏينهن ۾ ڇتي ڪتي هڪ عورت سميت 3 ڄڻن کي ڏاڙھي زخمي ڪري وڌو، جن ۾ خالد جمالي، ڳوٺ الهڏنو جمالي، بانو جمالي اڪبر عبدالرحمان شامل آھن.   پکو شھر سميت ڀرپاسي جي علائقن ۾ رولو ڪتن ٻن ٻارڙن کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو. ٻارڙي مهوش ۽ عبدالمجيد کي ويڪسين نه ملڻ تي احتجاج ڪيو ويو. هوڏانهن ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو جي حڪم تي اسسٽنٽ ڪمشنر رتوديرو عبدالواحد چنه، سي ايم او نئون ديرو مشتاق احمد ڪوريجو ميونسپل عملي جي مدد سان شهر اندر رولو ڪتن جي خاتمي لاءِ “ڪتا مار” مهم جاري آهي. ميونسپل عملي شهر جي پوسٽ آفيس روڊ، ميونسپل روڊ، الله وارو چوڪ، صدر چوڪ، جڳ چوڪ، پنج گلي چوڪ، شگ مل روڊ، درگاهه گرگهل شاهه روڊ سميت شهر جي مختلف روڊن رستن تي 60 کان وڌيڪ رولو ڪتن کي ماري زمين ۾ پوري ٺڪاڻي لڳائي ڇڏيو. ان موقعي تي سي ايم او نئون ديرو حافظ مشتاق احمد ڪوريجو جو چوڻ هو ته ايڊمنسٽريٽر جي حڪم شهر اندر ڪتا مار جو سلسلو جاري آهي ۽ روزانو جي بنياد تي 10 کان 15 رولو ڪتن کي ماريو پيو وڃي. شهر ۾ ڪتن جي چڪ جا پيش ايندڙ واقعن ۾ اضافي سبب ڪتا مار مهم شروع ڪئي وئي ته جيئن اهڙن واقعن کي ٻنجو ڏئي سگهجي.

تلهار، گولاڙچي ۽ اوٻاوڙو ۾ ٽائون عملي خلاف ڪيس داخل

ڪراچي ( نمائندن وٽان )  تلھار ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي وڃڻ سبب معصوم ٻارڙن جو گھرن مان نڪرڻ به ڏکيو بڻجي ويو. ڪتا مار مھم شروع  نه ٿيڻ خلاف رورل ھيلٿ سينٽر تلھار جي ايم ايس عظمي شاھ جي فرياد تي ٽائون آفيسر تلھار مير منظور ٽالپور ۽ يوسي پير علي بھادر شاھ جي يوسي سيڪريٽري رمضان دلواڻي خلاف تلھار ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿي ويو گرفتاري ڪا عمل ۾ نه آئي،تفصيل موجب تلھار ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو ان سلسلي ۾ تلھار جي سرڪاري اسپتال جي ايم ايس عظمي شاھ جي فرياد تي ٻه ڪيس تلھار ٿاڻي ۾ داخل ڪرايا ويا، جڏھن ته ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگھي.  گولاڙچي ۾ رولو ڪتن جي چڪڻ وارن واقعن جو ڪيس ٽائون آفيسر ۽ ٻن سيڪٽرين تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. گولاڙچي شهر وارڊ نمبر 3 ۾ 7 ٻارن کي ڏاڙهڻ بعد گولاڙچي جي ٽائون آفيسر اشوڪ ڪمار تي 7 الڳ الڳ ڪيس داخل ٿيا جڏهن ته گولاڙچي يونين ڪائونسل جي سيڪٽري تي مڪيش ڪمار تي 3 الڳ الڳ ڪيس داخل ۽ احمد راڄو يو سي جي سيڪٽري نور حسن چانڊيو تي 4 الڳ الڳ ڪيس داخل ٿيا آهن جڏهن ته سمورا ڪيس گولاڙچي ٿاڻي تي داخل ڪيا ويا آهن ڪيس داخل ٿيڻ بعد ٽائون آفيسر ۽ 2 سيڪٽرص رفوچڪر ٿي ويا آهن واضح رهي ته گولاڙچي سميت سڄي تعلقي ۾ رولو ڪتن جو آزار حد کان وڌيڪ آهي پر ٻن ٽائون ڪميٽين ۽ 12 يونين ڪائونسل جي ايڊ منسٽريٽر ڪي به جوڳا قدم نه کڻيا آهن . اوٻاوڙي لڳ رانوتي ۾ ڪجھ ڏينھن اڳ ڇتي ڪتي معصوم ٻار کي چڪ ھڻي زخمي ڪري وڌو ھو جنھن جو ڪيس شهري غلام ياسين ملڪ  جي فرياد تي يو سي رانوتي جي سيڪريٽري خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو. گھوٽڪي جي عدالتي حڪم بعد گهوٽڪي ٿاڻي تي يونين ڪائونسل قادرپور جي سيڪريٽري سهيل چاچڙ مٿان ڪتي ڏاڙهڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو. ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته خبر پئي ته ٻارڙن کي رولو ڪتي ڏاڙهي وڌو آهي پر انتظاميا رولو ڪتن جي خاتمي لاءِ ڪي به ڪوششون ناهن ورتيون.سرڪار پاران اي ايس آءِ رفيق احمد مهر جي فرياد تي سيڪريٽري سهيل چاچڙ مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو. خانپور مهر ۾ به ڳوٺاڻي کي رولو ڪتن جي ڏاڙهڻ جو ڪيس يوسي لهي جي سيڪريٽري عابد علي مهر خلاف داخل ڪيو ويو.

لاڙڪاڻي ۾ ڪتن جو آزار، ٻارن سميت وڌيڪ 10 زخمي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ رولو ڪتن وڌيڪ 6 ٻارن، ڊاڪٽرياڻي سميت ٻن عورتن سان گڏ 10 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو جن ۾ 6 سالن جو صابر پٽ امام دين، 10 سالن جو رضا پٽ رجب علي، 10 سالن جي سونيه ڌيءَ عبدالله، 12 سالن جي آسيه ڌيءَ صاحب ڏنو، 12 سالن جو محمد راشد پٽ محمد هاشم، 14 سالن جو آصف پٽ روشن علي، 20 سالن جو سليم پٽ الهه داد، 38 سالن جو روشن علي پٽ خميسو، 30 سالن جي ڊاڪٽرياڻي صدف زال تنوير ۽ 50 سالن جو نياز علي پٽ محمد موسيٰ شامل آهن جن کي سندن وارثن ڌار ڌار کڻائي علاج لاءِ چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ قائم اينٽي ربيز سينٽر ويڪسين ۽ علاج لاءِ آندو جتي کين ويڪسين ۽ ضروري علاج ڏئي گهر روانو ڪيو ويو.

سچل ڳوٺ سميت ڪراچي جي سنڌي وسندين ۾ رولو ڪتن جو آزار برقرار

گلشن اقبال ( ن ع آ ) ڪراچي جي سندي وسندين ۾ رولو ۽ ڪتن جو آزار برقرار آهي، سچل ڳوٺ، شاهه بلاول نوراني ڳوٺ، چپل سن  سٽي، موسميات ۽ ٻين علائقن ۾رولو ڪتن جي آزار سبب رهواسي گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن، جڏهن ته ٻارن ۾ خوف آهي. علائقي واسين مطالبو ڪيو آهي ته ڪتا مار مهم شروع ڪئي وڃي.

ڇاڇرو ۽ ڏاهلي تعلقي ۾ به ڪتن ٻن معصوم ٻارن کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو

ڇاڇرو (رپورٽ: يعقوب بجير ) ڇاڇرو ۽ ڏاھلي تعلقن ۾  ڪتا مار مهم شروع نه ٿي،  ڇاڇرو جي ٻهراڙين جي ڳوٺن وڌيڪ ٻن معصوم ٻارڙن  کي زخمي ڪري ڇڏيو، مختلف ڳوٺن ۾  پنجاھ کان وڌيڪ ٻڪرين ۽ رڍن کي ڇتن ڪتن ڏاڙهي وڌو، علائقي ۾ خوف،ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب  ڇاڇرو تعلقي جي يونين ڪائونسل سارنگهيار جي ڳوٺ مٺاتڙ ۾ 8 سالن جي معصوم ياسينه ڌي جادم راهمون ۽ 10 سالن جو ايسر پٽ ڪرشن ميگهواڙ کي ڇتي ڪتي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو آهي، ڳوٺاڻن  جي چوڻ مطابق ڪجھ ڏينھن اڳ اسان جي ڳوٺ ۾ ڇتو ڪتو گهر ۾ گھڙي هڪ ئي گهر جي ٽن ڀاتين کي ڏاڙهي زخمي ڪيو هو جنهن کان پوءِ اسان يونين ڪائونسل جي سيڪٽري منوج ڪمار ميشهوري اڳيان دانهون به ڪيو پر سيڪٽري ڪتا مار مهم شروع نه ڪئي آهي.

نئون ديرو ۾ ڪتا مار مهم، 60 کان وڌيڪ رولو ڪتن کي ماريو ويو

نئون ديرو(رپورٽر) ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو جي حڪم  تي اسسٽنٽ ڪمشنر رتوديرو عبدالواحد چنه، سي ايم او نئون ديرو مشتاق احمد ڪوريجو ميونسپل عملي جي مدد سان شهر اندر رولو ڪتن جي خاتمي لاءِ ”ڪتا مار“ مهم جاري آهي. ميونسپل عملي شهر جي پوسٽ آفيس روڊ، ميونسپل روڊ، الله وارو چوڪ، صدر چوڪ، جڳ چوڪ، پنج گلي چوڪ، شگ مل روڊ، درگاهه گرگهل شاهه روڊ سميت شهر جي مختلف روڊن رستن تي 60 کان وڌيڪ رولو ڪتن کي ماري زمين ۾ پوري ٺڪاڻي لڳائي ڇڏيو..

مسوڀرڳڙي ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن جو آزار، علائقي واسي گهرن تائين محدود

مسو ڀرڳڙي (ن ع آ  )  تعلقي حيدرآباد  ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ڇتن ڪتن روڊن رستن ته ديرا ڄمائي ڇڏيا آھن جنهن ڪري  علائقي واسين توڙي معصوم ٻارن جو ٻاهر نڪرڻ مشڪل بڻجي ويو آهي،  جڏهن ته ويڪسين اڻلڀ آهي. جنهن سبب ڳوٺاڻا پنهنجي ٻچن کي حيدرآباد ويڪيسن ڪرائڻ لاءِ وڃڻ ته مجبور آھن.سڃاڻ ڌرين   ضلعي انتظاميا حيدرآباد کان گهرڪئي آھي ته نوٽيس وٺي علائقي ۾ ڪتا مارمهم شروع ڪئي وڃي.

اڪري چودڳي ۾ پورهيت جو ڌيءُ کي ويڪسين نه ٿيڻ خلاف احتجاج

اڪري چودڳي (ن ع آ)اڪري واسي پورهيت جو نياڻي کي ڪتي چڪ جي ويڪسين نه ٿيڻ خلاف احتجاج، ايم ايس تي بدتميزي  جو الزام. ڳوٺ خان محمد ڏاهري واسي عبيدالله ڏاهري چيو ته 7 سالا نياڻي انعم فاطمه کي چار ڏينهن اڳ ۾  رولو ڪتن چڪ هڻي ڏاڙهي وڌو هو، کيس ايم سي ايڇ سي اڪري کڻي ويس جتي ڊاڪٽرن ريفر ليٽر ٺاهي ڏنو ۽ تعلقي اسپتال پڪاچانگ روانو ڪيو اتي پهچڻ کان ڊاڪٽرن انجيڪشن نه هجڻ جو چئي رلائي رهيا آهن….

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.