خواجه آصف جي گهرواري سميت 9 ڄڻن خلاف اينٽي ڪرپشن ۾ ڪيس داخل

سيالڪوٽ ( م ڊ )   ن ليگ جي سينيئر اڳواڻ خواجه آصف جي گهرواري مسرت خواجه، سندس پٽ اسد خواجه، سيالڪوٽ جي اڳوڻي ميئر توحيد اختر سميت 9 ڄڻن تي اينٽي ڪرپشن ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ڊپٽي ڪمشنر سيالڪوٽ جوابدارن خلاف سرڪاري ناڻي کي مجموعي طور 7 ڪروڙ 80 لک رپين جو نقصان پهچائڻ تي اينٽي ڪرپشن کي ريفرنس اماڻيو هو، جنهن ۾ اينٽي ڪرپشن کي ريفرنس ۾ ڻامزد 9 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي هئي. ريفرنس جي متن موجب سوسائٽي جا مالڪ سرڪاري زمين جي مد ۾ هڪ ڪروڙ 30 لک جا به باقيدار آهن، سوسائٽي سيالڪوٽ جي اڳوڻي ميئر چوڌري توحيد ۽ خواجه آصف جي گهرواري ۽ سندس پٽ جي ملڪيت آهي، جيڪا 137 ڪئنال تي ٻڌل هئي، بعد ۾ غير قانوني طريقي سان 281 ڪئنال وڌيڪ شامل ڪرايا ويا.

ڪورونا جي ٻي لهر فوتگين جو سبب بڻجي رهي آهي: عاصم سليم باجوه

اسلام آباد (م ڊ) سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين عاصم سليم باجوه چيو آهي ته ارشد وحيد چوڌري جو لاڏاڻو ڪورونا جي ڪري ٿيو، ڪورونا جي ٻي لهر خطرناڪ، فوتگين جو سبب بڻجي رهي آهي. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ڪورونا وبا ڪنٽرول ڪرڻ تي ڌيان ڏنو وڃي ۽ سموريون احتياطي تدبيرون اختيار ڪيون وڃن، عاصم سليم باجوه چيو ته الله تعاليٰ ارشد وحيد چوڌري جي مغفرت فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي

بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ 5 ڏهائي 4 شدت جو زلزلو

ڪوئٽا( م ڊ )  ڪوئٽا ۽ ڀرپاسي زلزلي جا شديد لوڏا محسوس ڪيا ويا،زلزلو  صبح جو 7 لڳي 57 منٽن تي  آيو، جنهن سان شديد خوف ۽  هراس ڦهلجي ويو ۽ شهري گهرن مان ٻاهر نڪري آيا، زلزلي جا لوڏا بلوچستان جي علائقن پشين، هرنائي ۽ ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ به محسوس ڪيا ويا، زلزلي جي شدت 5.4 ريڪارڊ ڪئي وئي.زلزلي جو مرڪز ڪوئٽا کان 38 ڪلوميٽر تي هو، زلزلي جي نتيجي ۾ ڪنهن جاني يا مالي نقصان جا اطلاع نه مليا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.