سنڌ ۾ ڪورونا جا 865 نوان ڪيس، 16 ڄڻا فوت

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪورونا وائرس وڌيڪ 16 ڄڻن  جون حياتيون کسي ورتيون آهن ۽ 865 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ وڏي وزير چيو ته ڪورونا سبب 16 ماڻهو فوت ٿيڻ سان هاڻي فوتين جو تعداد ٻه هزار 738 ٿي وئي آهي، جڏهن ته 13 هزار 320 ٽيسٽون ڪيون ويون،جن مان 865 ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جنهن بعد سمورن ڪيسن جو تعداد هڪ لک 54 هزار 738 ٿي ويو آهي، هن چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 335 مريض صحيتاب ٿي ويا آهن جنهن بعد صحتياب ٿيلن جو انگ   هڪ لک 42 هزار 417 آهي، جڏهن ته 9 هزار 583 مريضن جو علاج هلندڙ آهي، جن مان 39 مريض وينٽيليٽر تي آهن، 865 ڪيسن مان 666 ڪيس صرف ڪراچي جا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.