ڀارتي دهشتگردي جا ثبوت پيش، وڏن شهرن ۾ حملن جو خطرو

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت پاران پاڪستان ۾ دهشتگردي جي سرپرستي جا نا قابل ترديد ثبوت موجود آهن، ڀارت رياستي دهشتگردي ۾ سڌو سنئون ملوث آهي ۽ ان کي هٿي وٺرائي رهيو آهي، دنيا ڄاڻي چڪي آهي ته ڀارت ۾ انتهاپسندي عروج تي آهي ۽ سڀ کان وڏي جمهوريت جي دعويدار ڀارت روگ اسٽيٽ جو روپ اختيار  ڪندي پئي وڃي، عالمي برادري کي پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڀارتي منصوبن جي ڄاڻ وقت به وقت ڏيندا رهيا آهيون، ڀارت جي رياستي دهشتگردي تي وڌيڪ چپ رهڻ نه پاڪستان ۽ نه ئي ڏکڻ ايشيا جي مفاد ۾ آهي، پرڏيهي وزير ڪالهه پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آئي ايس پي آر جي ڊائريڪٽر ميجر جنرل بابر افتخار سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پاڪستان ۾ دهشتگردي جي ڪارروائين ۾ ڀارتي ادارن جي هٿ هجڻ، پابندي پيل تنظيمن سان مالي سهڪار، انهن تنظيمن جي ڪارڪنن کي سکيا ۽ هٿيارن جي فراهمي ۽ ملڪ جي مختلف حصن ۾ ٽارگيٽس جي نشاندهي ۽ پئسن جي منتقلي بابت شاهديون پيش ڪيون، پريس ڪانفرنس ۾ دهشتگردن ۽ ڀارتي خفيه ادارن جي عملدارن جي گفتگو جي ڳالهه ٻولهه جي رڪارڊنگ ۽ وڊيوز به ميڊيا آڏو پيش ڪيون ويون، پرڏيهي وزير عالمي برادري تي زور ڀريو ته ڀارت پاران عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي جو نوٽيس ورتو وڃي جيڪو دهشتگردي خلاف فرنٽ لائين تي وڙهندڙ پاڪستان خلاف سازشون ڪري رهيو آهي، هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان اندر 19130 دهشتگرد حملا ٿيا جن ۾ 83 هزار ماڻهو زخمي ۽ 32 هزار شهادتون ٿيون، مالي طور تي پاڪستان کي 126 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو، هن چيو ته پاڪستان دنيا ۾ امن لاءِ ڪوششون ڪري پيو ۽ ڀارت پاڪستان جي چو ڦير دهشتگردي جو ڄار اڻي رهيو آهي، پرڏيهي وزير چيو ته اسان وٽ وڌيڪ ثبوت پڻ موجود آهن جيڪي ضرورت پوڻ تي استعمال ٿيندا، هن ڪوئيٽا ۽ پشاور ۾ تازن دهشتگرد حملن کي ڀارتي عزم جي عڪاسي قرار ڏنو ۽ چيو ته ڀارت جا ادارا ٽي ٽي پي، بي ايل اي سميت ٻين پابندي پيل تنظيمن جي پٺڀرائي ڪري رهيا آهن، هن چيو ته آگسٽ 2020ع ۾ ڀارت ٽي ٽي پي، بي ايل اي، بي ايل ايف ۽ ايڇ يو اي سميت ٻين تنظيمن کي گڏ ڪري سندن ڪنسورشيم ٺاهيو ڇو ته هو پاڪستان ۾ دهشتگردي کي وڌائڻ چاهي ٿو جنهن جا ثبوت موجود آهن، هن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان، فاٽا ۽ بلوچستان ۾ قومپرستي وارن لاڙن جي پٺڀرائي ڪرڻ جو الزام ڀارت تي مڙهيندي چيو ته ڀارت دهشتگرد تنظيمن کي 22 ارب روپيه ڏنا ڇو ته هو سي پيڪ کي نقصان رسائڻ چاهي ٿو، ڀارت ايف اي ٽي ايف ۾ پڻ پاڪستان کي بليڪ لسٽ ۾ وجهرائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون جيڪي ناڪام ٿيون، پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته ڀارتي وزيراعظم جي اڳواڻي ۾ 700 ماڻهن تي ٻڌل خاص سيل جوڙيو ويو آهي جنهن جو واضح مقصد سي پيڪ خلاف ڪارروائيون ڪرڻ آهي، ان سيل کي 80 ارب روپيه فراهم ڪيا ويا آهن، شاهه محمود قريشي ڀارت تي واضح ڪيو ته پاڪستان پنهنجي رٿائڻ جي حفاظت ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ ان لاءِ 2 سيڪيورٽي ڊويزن قائم ڪيا ويا آهن، ان موقعي تي آئي ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته اسان وٽ تمام گهڻيو شاهديون موجود آهن جن مان ڪجهه اڄ پيش ڪيون ويون، پاڪستان ۾ ٿيندڙ تازا واقعا ثابت ڪن ٿا ته ڀارت دهشتگردن کي پئسو، هٿيار ۽ سکيا فراهم ڪري دهشتگردي کي هٿي وٺرائي رهيو آهي، هن چيو ته ڀارتي آفيسر ڪرنل راجيش افغانستان ۾ ڀارت جي سفارتخاني ۾ دهشتگردن سان 4 ملاقاتون ڪيون ۽ پاڪستان جي وڏن شهرن ۾ دهشتگردي جي ڪارروائين جي رٿابندي ڪئي وئي، ڀارتي تنظيمن داعش ڪمانڊر عبدالرحيم عرف عبدالرحمان مسلم دوست کي پنهنجا ماڻهو ڏنا، دهشتگردي جي پٺڀرائي جا ثبوت موجود آهن، هن چيو ته ڀارت جا سفارتخانا دهشتگردي لاءِ فنڊنگ جو انتظام ڪن ٿا ۽ افغانستان ۾ ڀارتي سفارتڪار ان عمل جي نگراني ڪن ٿا، ڀارتي ادارا پنهنجي ماڻهن کي ٽئين ملڪ ۾ رقم پهچائين ٿا، هن چيو ته ٻن واقعن ۾ ڀارت جي پنجاب بينڪ ذريعي 28 هزار ڊالر جڏهن ته هڪ ٻئي ڀارتي بينڪ ذريعي افغانستان ڏانهن 55 هزار ڊالر اماڻيا ويا، ڀارتي سفارتڪار ٽي ٽي پي اڳواڻن کي 8 لک ڊالر کان وڌيڪ رقم ڏئي چڪا آهن، هن چيو ته بلوچستان ۾ ڪارروائي لاءِ ڀارت 700 هٿياربندن تي ٻڌل مليشيا ٺاهي ۽ ان لاءِ 16 ملين ڊالر رکيا آهن، ڀارتي سفارتخانا انساني امداد جي آڙ ۾ قومپرستن جي مالي مدد ڪن پيا ۽ 23،35 ملين ڊالر جي ٽرانزيڪشن ڪئي وئي آهي، بلوچستان جو امن امان خراب ڪرڻ لاءِ 50 لک ڊالر ڏنا ويا، هن چيو ته سرفراز مرچنٽ ۽ طارق مير اهو مڃيو هئو ته ٻن ڀارتي ڪمپنين الطاف حسين کي 30 لک ڊالر کان وڌيڪ رقم ڏني، ڀارت پاڪستان ۾ مختلف گروپن کي هٿيار ۽ بارود فراهم ڪري پيو، را 6 دهشتگردن ذريعي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملو ڪيو، ڊي جي آئي ايس پي آر ان موقعي تي ٽي ٽي پي ڪمانڊرن کي هٿيارن، رقمن ۽ سکيا جي فراهمي ۽ الطاف حسين گروپ کي لکين ڊالرن جي فراهمي جي حوالي سان اجمل پهاڙي جي قبولداري بيان جو حوالو پڻ ڏنو ۽ ڀارتي ايجنسين پاران کنيل قدمن تي دهشتگردن ۽ سندن ڀارتي ساٿين وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه جي وڊيو ۽ آڊيو رڪارڊنگ ميڊيا کي ٻڌرائي ۽ بينڪن ذريعي رقمن جي فراهمي جا ثبوت پڻ پيش ڪيا، پريس ڪانفرنس ۾ دهشتگردن پاران ڌماڪيدار مواد جي تنصيب ۽ مختلف ڪارروائين جون ٺاهيل وڊيوز ۽ سندن ڀارتي آقائن جون وڊيوز به پيش ڪيون ويون، ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارت پنهنجون ناڪاميون لڪائڻ لاءِ ايل او سي حملا ڪري پيو، ڪالهه به ڀارت جي اڳرائي جو ڀرپور جواب ڏنو ويو، ان موقعي تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ ميجر جنرل بابر افتخار عالمي برادري تي زور ڀريو ته ڀارت خلاف دهشتگردي ۾ سهڪار ۽ رياستي دهشتگردي جهڙن ڏوهن تي ڪارروائي ڪئي وڃي ڇو ته ڀارت جي قدمن جي ڪري معصوم پاڪستاني مارجي رهيا آهن،ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته سرفراز مرچنٽ ۽ طارق مير جي اعترافي بيان مان خبر پئي ته ”را“ الطاف حسين گروپ جي مالي مدد ڪندي هئي، اها مالي مادد ٻن ڪمپنين جي مدد سان هوندي هئي، جن ۾ جي وي جي تي ۽ پارس جيولري گروپ شامل آهن، انهن ٻن ڪمپنين کي جاري ڪيل 32 لک ڊالر جا ثبوت فوج وٽ آهن،الطاف گروپ سان لاڳاپيل ٽارگيٽ ڪلر ۽ ڪارڪن اجمل پهاري جي اعترافي بيان مطابق انڊيا دهشتگردي جي تربيت لاءِ چار ڪئمپون دهرادون، هريانه، اتر انڊيا ۽ اتر اولهه انڊيا ۾ ٺآهيون آهن، بريفنگ دوران بلوچ ويڙهاڪ اڳواڻ ڊاڪٽرالله نذر جي آواز جي رڪارڊنگ هلائي وئي، جنهن ۾ هو مبينه طور تي اسلم اڇو سان حملي سان لاڳاپيل ڳالهيون ڪري رهيو آهي، فوجي ترجمان مطابق الله نذر جا ٻيا ساتي گوادر هوٽل تي حملي دوران مبينه طور تي انڊين حملي آورن سان رابطي ۾ هئا،هن چيو ته انڊيا گلگت بلتستان جي عارضي حيثيت کي بدلائڻ جي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي اتي 20 نومبر کانپوءِ گلگت بلتستان ۽ان سان لاڳاپيل خطي ۾ وڏن ميڙن تي حملا ڪرائڻ جو ارادو رکي ٿو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.