ٺري ميرواهه ۾ هراسان ٿيڻ بعد آپگهات ڪندڙ ناري جي خون سان انصاف نه ٿيو

ٺري ميرواهه(ن ع آ) ٺري ميرواھ ٿاڻي جي حد ڳوٺ دائم ڪٻر واسڻ ناري اختيار خاتون ڪٻر  ڊاڪٽر (ب) جي ڪلينڪ تي دوا لاءِ وئي ۽ مسلسل بليڪ ميلنگ جو شڪار ٿيندي رهي وارثن موجب ناري جي فون تي اهم ميسج ۽ ڊاڪٽر سان لاڳاپيل رڪارڊ پڻ هٿ ڪيو ويو آھي جنهن تحت ڪيس داخل ڪرايو ويندو جڏھن ته ناري جي موبائيل فون جي نمبر ۽ ڊاڪٽر جي ڪلينڪ تي موجود پنجن ڪمپائونڊرن سميت ڊاڪٽر جي موبائيل نمبر جي به ڊيٽا حاصل ڪئي پئي وڃي وارثن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ناري مسلسل پريشان هئي ۽ هن زهر پي آپگهات ڪئي مرڻ کان اڳ ناري چوندي رهي ته منهنجي موت جو ڪارڻ ڊاڪٽر آھي هنن چيو ته اسان سان ڪوبه تعاون نه پيو ڪري الٽو وڏيرا ۽ پوليس ڊاڪٽر جا حمايتي بڻجي نياڻي جي سوشل ميڊيا تي ڪردار ڪشي ڪرائي رهيا آھن ۽ پوليس به سي ڊي آر ۽ انڪوائري لاءِ سکڻا آسرا ڏئي رهي آھي ، ٻئي پاسي ايس ايڇ او ميرواھ جو چوڻ هو ته مالڪن کي اسان ڪيس جو چيو آھي پر ناري جي موبائيل جي ڊيٽا جي لاءِ سي ڊي آر قانوني طريقي سان حاصل ڪئي ويندي ۽ ناري جو خون لڙھڻ نه ڏبو ۽ وارثن سان انصاف ٿيندو، جڏھن ته ذريعن موجب ڊاڪٽر ڪجهھ ڪلاڪن جي سي سي ٽي فوٽيج به پوليس کي ڏني پر وارثن انهي تي بي اعتمادي ظاهر ڪئي هئي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.