فضيلا سرڪي جي امڙ ايس ايس پي وٽ مدد لاءِ پهچي وئي

ڪنڌڪوٽ:ايس ايس پي آفيس ۾ نياڻي جي بازيابي لاءِ جدجهد جو قصو بڻيل فضيلا سرڪي جي امڙ ۽ سندس والد عبدالرزاق  سرڪي ايس ايس پي امجد شيخ وٽ پهچي ويا ان دوران ايس ايس پي اڳيان فضيلا جي امڙ لڙڪ هاريندي چيو ته جنهن نموني اوهان عليشا جي ڪيس سان انصاف ڪيو آهي مون سان به انصاف ڪيو منهنجو ڪيس اوهان ڏسو منهنجي نياڻي کي بازياب ڪرايو .

اي ايس آءِ محمد بخش ٻرڙو سموري پوليس فورس جو شان آهي: شبلي فراز

اسلام آباد ( م ڊ )  وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته اي ايس آءِ محمد بخش ٻرڙو سموري پوليس فورس جو شان آهي. سماجي رابطن  واري ويب سائيٽ تي ٽوئٽ ۾ شبلي فراز چيو ته اي ايس آءِ محمد بخش ٻرڙو ۽ سندس ڌيءُ کي قوم جو سلام آهي، اهڙي والد تي فخر آهي، جنهن پنهنجي فرض لاءِ ڌيءُ جي قرباني کان به نه ڪيٻايو، سندس عمل معاشري لاءِ روشن پيغام ۽ اميد جو ڪرڻو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.