ڪشمور واقعي تي جماعت اسلامي پاران سينيٽ ۾ التوا رٿ پيش

. ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق ڪشمور ۾ ماءُ ۽ ڌيءُ کي اغوا  ۽ زيادتي جو نشانو بڻائڻ واري واقعي خلاف سينيٽ ۾تحريڪ التوا واري رٿ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. جماعت اسلامي سنڌ جي ترجمان مجاهد چنا موجب تحريڪ التوا سينيٽ جي قانون مجريه 2012 جي قائدي 85 تحت جمع ڪرائي وئي آهي، تحريڪ التوا ۾ چيو ويو آهي ته اي ايس آءِ محمد بخش ٻرڙو ۽ ان جي نياڻي طرفان معصوم نياڻي جي جان بچائڻ لاءِ انتهائي همت، بهادري سان قرباني جو مظاهرو قابل قدر ۽ هڪ عظيم ڪارنامو آهي. تحريڪ التوا ۾ پرنٽ ميڊيا جي 13 نومبر جي رپورٽن جو حوالو ڏيندي چيو ويو آهي ته گذريل 6 سالن دوران 22 هزار زيادتي جا واقعا ٿي چڪا آهن، وفاقي توڙي صوبائي حڪومتون اهڙن دردناڪ واقعن کي روڪڻ، ڏوهارين کي گرفتار ڪري سزائون ڏيڻ ۾ هن مهل تائين مڪمل طور تي ناڪام ثابت ٿيون آهن. سينيٽر سراج الحق افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته 2020ع جو سال ملڪ ۾ ٻارن ۽ عورتن سان زيادتي جي واقعن ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي، عدالتن طرفان سڄي ملڪ ۾ زيادتي جي مجرمن کي عدالتي نظام جي ڪمزوري جو سهارو وٺندي ضمانت تي آزاد ڪرڻ سان اهڙن وحشين کي ويتر حوصلو مليو آهي، هوڏانهن جماعت اسلامي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ چانڊڪا اسپتال ۾ زيرعلاج معصوم نياڻي عليشا جي عيادت ۽ پنهنجي طرفان مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو.

ظالمن معصوم نينگري کي سگريٽ جا ڏنڀ به ڏنا: ايس ايس پي ڪشمور

ڪنڌڪوٽ:ڪنڌڪوٽ ۾ ايس ايس پي امجد شيخ چيو ته عليشا کي باحفاظت جوابدارن کان  آزاد ڪرائڻ هڪ وڏو چئلينج هو جوابدار تائين پهچڻ ۽ عليشا کي حيوانن کان آزاد ڪرائڻ لاءِ وڏي حڪمت عملي جوڙي ظالمن تائين پهتاسين هن چيو ته دلي سڪون پهتو آهي ظالمن کي سزا ملي معصوم ٻارڙي کي حيوانن زيادتي سان گڏو گڏ سگريٽ جا ڏنب به ڏنا معصوم نينگري کي حيوانن کان آزاد ڪرائڻ وقت نينگري جي حالت انتهائي خراب هئي ايس ايس پي جو چوڻ هو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه ۽ وزير اعظم عمران خان مون سان ۽ بهادر اي ايس آءِ محمد بخش ٻرڙو ۽ سندس اي ايس آءِ جي بهادر نياڻي سان ڳاله ٻول ڪئي ۽ ڪيس جا تفصيل معلوم ڪيا ۽ شاباش ڏني.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.