گلگت جو نئون حڪمران ڪير؟ عوام اڄ فيصلو ڪندو، 371 اميدوار ميدان تي لٿل

گلگت ( م ڊ ) گلگت بلتستان اسيمبلي جو چونڊ دنگل اڄ لڳندو، جنهن جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. اڄ صبح جو 8 وڳي پولنگ جو عمل شروع ٿيندو، جيڪو شام جو پنجين وڳي تائين جاري  رهندو، 23 سيٽن تي تي پولنگ ٿيندي. گلگت بلتستان جي ٽن ڊويزن جي 10 ضلعن تي ٻڌل آهي، گلگت ڊويزن ۾ گلگت، هنزه، نگر ۽ غذر ضلعا شامل آهن. بلتستان ڊويزن ۾ اسڪردو، گهانچي، شگر ۽کرمنگ جا  ضلعا شامل آهن، جڏهن ته ديا مر ۽ استور ڊويزن تي ٻڌل آهي. گلگت بلتستان اسيمبلي جي حقدار رجسٽرڊ ووٽن جو انگ 7 لک 45 هزار 361 آهي. مرد ووٽرز جو انگ 4 لک 4 هزار 63 ۽ عورت ووٽرز جو انگ 3 لک 39 هزار 998 آهي، جڏهن ته هڪ لک 26 هزرا 997 ووٽرز پهريون پنهنجو حق استعمال ڪندا. مردن لاءِ پولنگ اسٽيشنز جو انگ 503، عورت پولنگ اسٽيشنز جو انگ 395 ۽ گڏيل ووٽرز جي پولنگ اسٽيشنز جو انگ 362 آهي، جن مان 297 پولنگ اسٽيشنز کي حساس ۽ 280 کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي. گلگت چونڊن دوران سڪيورٽي لاءِ 13 هزار 481 اهلڪار مقرر آهن، جن ۾ پوليس، رينجرز ۽ جي بي اسڪائوٽس شامل آهن، جڏهن ته ٻين صوبن مان 5 هزار 700 اضافي پوليس نفري گهرائي وئي آهي، جڏهن ته سينٽرل پوليس آفيس ۾ ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.