ڄام صاحب ۾ دردناڪ واقعو، گم ٿيل نينگري باهه ڏيڻ بعد قتل، ڪپڙن کان آجو لاش هٿ

ڄام صاحب  ( رپورٽ: نظير ڏاھري  )  ڄام صاحب ويجهو گم ڄاڻايل نينگري جو ڪپڙن کان آجو لاش هٿ آيو آهي.ڄام صاحب ويجهو ڳوٺ مير محمد حسن رند جي رهواسي مختيار رند جي 14 ورهين جي نينگري نرما   جو ڪپڙن کان آجو زمين تان لاش هٿ آيو، پاڙي وارن حد جي ٿاڻي ڄام صاحب پوليس کي اطلاع ڏنو. نوابشاھ ليڊيز پوليس جي مدد سان لاش کي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ نوابشاهه اسپتال موڪليو ويو.  پوليس موجب مقتول نينگري جي وارثن ڪالهه ڏينهن جو ڄام صاحب ٿاڻي تي مقتول نينگري جي گمشدگي جو اطلاع ڏنو ويو ۽ ٻڌايو هو ته رات جي 2 وڳي نينگري گهر ۾ موجود نه هئي، جڏهن ته سندن گهر جي ڪجھه ئي منٽن جي مفاصلي تي ڳوٺاڻن کي لاش مليو. پوليس ٻڌايو ته نينگري کي باھ ڏني وئي آهي سندس ٻانهن ۽ وارن جو ڪجھه حصو سڙيل آهي، پوءِ کيس قتل ڪيو ويو پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کانپوءِ حقيقت سامهون ايندي.جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.