عليشا ڪيس: گرفتار جوابدار جو رمانڊ، ايس ايس پي ۽ اي ايس آءِ هيرو ٿي ويا

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا)ڪشمور ۾ ٻارڙي عليشا ۽ سندس امڙ تبسم سان زيادتي ڪندڙ رفيق ملڪ گذريل رات پنهنجي ساٿي خيرالله بگٽي جي فائرنگ ۾ مارجي ويو هو جنهن جو لاش گذريل رات کان اسپتال  ۾ پيل هو جوابدار جو لاش پوليس سندس امڙ مسمات شانو حوالي ڪيو ، جڏهن ته ٻئي جوابدار خيرالله بگٽي کي پوليس ڪنڌڪوٽ جي اي ٽي سي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو جتان اي ٽي سي جج موڪل تي هجڻ ڪري جوابدار خيرالله بگٽي کي شڪارپور جي اي ٽي سي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو جتان پوليس عدالت مان جوابدار جو 3 ڏينهن جو جسماني رمانڊ ورتو،جوابدار کي ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ لاءِ سڪيورٽي سخت ڪئي وئي پوليس ڪورٽ اندر هر عام شخص جي تلاشي وٺي بعد ۾ هن کي اندر داخل ڏنو ويو،هوڏانهن گذريل رات پوليس ڪاروائي ۾ جوابدار خيرالله جي گرفتاري ۽ مارجي ويل جوابدار رفيق ملڪ جي واقعي سوشل ميڊيا تي هلچل مچائي ڇڏي آهي ۽ سوشل ميڊيا تي ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ امجد شيخ ۽ اي ايس آءِ محمد بخش ٻرڙو ۽ سندس ڌيءَ کي هيرو قرار ڏنو ويو ، هوڏانهن عليشا زيادتي واقعي تي سنڌ سراپا احتجاج بڻيل، عوام ۾ ڪاوڙ برقرار، گڊو ۾ شاد کوسو، شمس الدين سولنگي، عبدالرزاق بهلڪاڻي، ظھور ميمڻ ،محمد اقبال کوسو، عبدالرحمن پٺاڻ، آصف قريشي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گيٽ نمبر 3 کان گڊو پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي،حيات پتافي ۾  قادري چنڙ،سمندر مشوري،ميراحمد،علي محمد چنڙ،منصور ميراڻي،احمد مشوري۔معشوق بوزدار ،تلھار ۾ يونين آف جرنلسٽس جي صدر محمد خان ڏيٿو ،عاجز انور لاشاري، سماجي اڳواڻ نظير دلواڻي، محمد رحيم کوسو ،سماجي عورت اڳواڻ زاھدا ڪنڀار،نورجھان دلواڻي،رضيه گوپانگ ،يوسف لاکو،ويلجي ڪولھي،سکر ۾  شائستا کوسو، غلام مرتضيٰ گھانگھرو، الاهي بخش ميتلو، اورنگزيب ۽ ٻين شاھ پور چاڪر ۾ ڪوثر پروين مسمات گلنار ،مسمات پروين باڊهه ۾ ايس ٽي پي جي  ڪامريڊ قادر بروهي, اصغر نوناري, صفر مغيري, منور نوناري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريليون ۽ مظاهرا ڪيا ويا، هوڏانهن اهل سنت سکر جي تنظيمن جي چيئرمين ۽ جي يو پي سنڌ جي اڳواڻ مشرف محمود قادري ڪشمور واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته معصوم ٻارڙي عليشا سان پيش ايندڙ شرمناڪ ۽ دردناڪ واقعي انسانيت جو جنازو ڪڍي ڇڏيو، وحشي درندا ڪنهن به صورت ۾ رحم جا حقدار ناهن، رياست مدينه جي دعويدار حڪومت اهڙا واقعا روڪڻ لاءِ قدم کڻي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.