جاتي ويجهو ناري سان اجتماعي زيادتي، هڪ جوابدار گرفتار

جاتي ( رپورٽ: عزيز ميمڻ ) جاتي ويجهو  ديھه ڦلي  ۾ ٻن جوابدارن پاران 25 سالا ناري سان اجتماعي زيادتي، پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري  هڪ جوابدار کي  گرفتار ڪري ورتو،هڪ فرار خبر موجب جاتي لڳ يوسي مڙهو بولاخان جي ديھ ڦلي ۾ ٻن وحشي صفت جوابدار پورهيت اڳاريو ٿهيمور جي 25 سالا ناري (ع) کي اغوا ڪرڻ بعد زبردستي اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻائي رستي تي ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا، ناري جي رڙين تي آس پاس جي ڳوٺاڻن پهچي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻيل ناري کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ٿاڻي تي پهچايو جتان کيس فوري طور ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ سجاول اماڻيو ويو.پوليس ڪارروائي ڪندي هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي هڪ ڄڻي جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، ٻئي طرف متاثرين ناري جي پيءُ ماءُ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته وحشي درندن ظلم جي انتها ڪري اسان جي نياڻي جي زندگيءَ تباهه ڪري ڇڏي آهي، ملوث جوابدارن کي عبرتناڪ سزائون ڏئي ڌيءَ جو علاج ڪرائي ان جي حياتي بچائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.