دادو ۾ نينگري کي پيرسن سان پرڻائڻ جي ڪوشش ناڪام، والدين ۽ گهوٽ گرفتار

دادو (رپورٽ:  عزيز احمد ملڪ )دادو ۾ پوليس جو گهر تي ڇاپو، نينگري جي ننڍي عمر ۾ شادي ڪرائيندڙ والدين ۽ گهوٽ گرفتار ڪيس داخل. دادو جي گلزار ڪالوني ۾ پوليس ڳجهي اطلاع تي ڇاپو هڻي ننڍي 15 سالن  جي شهزادي قمبراڻي جي شادي 45 سالن جي بخشل ٻوڪ سان ٿي رهي هئي، جنهن شادي  کي وومين پروٽيڪشن جي انچارچ بينظير جمالي روڪرائي ورتو جنهن کانپوءِ شادي ڪندڙ  گهوٽ بخشل ٻوڪ ۽ نينگري جي والد کي گرفتار ڪيو ويو. رابطي ڪرڻ تي وومين پروٽيڪشن سيل جي انچارچ  بينظيرجمالي چيو ته اسان کي اطلاع مليو ته گلزار ڪالوني ۾ نابالغ ڇوڪري جي والدين پاران زبردستي شادي ڪرائي پئي وڃي جنهن تي اسان ڪاروائي ڪئي، گهوٽ ۽ ان جي والد کي گرفتار ڪيو ويو آھي مٿن اي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس به داخل ڪيو ويو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.